اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پاران سينئر صحافي مظهر اقبال جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سينئر صحافي مظهر اقبال جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جُدا جُدا تعزيتي پيغامن ۾ مرحوم جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي هنن چيو ته مظهر اقبال هڪ اصول پسند، دلير ۽ تجربيڪار صحافي هو جنهن سدائين …

اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سينئر صحافي مظهر اقبال جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جُدا جُدا تعزيتي پيغامن ۾ مرحوم جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي هنن چيو ته مظهر اقبال هڪ اصول پسند، دلير ۽ تجربيڪار صحافي هو جنهن سدائين صحافتي قدرن کي فروغ ڏنو. هو صحافت جي شعبي جو هڪ وڏو حوالو هو. سندس لاڏاڻي سان مُلڪي صحافت هڪ تجربيڪار ۽ باوقار شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي. وفاقي سيڪريٽري اطلاعات عنبرين جان ۽ پي آءِ او مبشر حسن مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ خاندان لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي آهي.

مزید خبریں