سڄي ملڪ ۾ صحت جي سهولتن جي فراهمي جي دائري کي تيزيءَ کي وڌايو ويندو: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي جي دائري کي تيزيءَ سان وڌايو ويندو ۽ پاڪستان جي صحت واري نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مؤثر ۽ مضبوط بڻايو ويندو. اهڙو اظهار هن ورلڊ بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جي …

اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي جي دائري کي تيزيءَ سان وڌايو ويندو ۽ پاڪستان جي صحت واري نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مؤثر ۽ مضبوط بڻايو ويندو. اهڙو اظهار هن ورلڊ بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جي صحت واري نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جاري قدمن ۽ چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام کي مؤثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ پروگرام جي مدت ۾ هڪ سال جي واڌ ڪري. ورلڊ بئنڪ جي  درخواست تي مصطفيٰ ڪمال انٽر منسٽريل هيلٿ اينڊ پاپوليشن ڪائونسل کي فوري طور ٻيهر فعال ڪرڻ جي هدايت ڏني. بين الصوبائي وزارتي اجلاس هلندڙ هفتي طلب ڪيو ويندو ته جيئن پاليسي سطح تي مضبوط مشاورت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج بابت اجلاس به هلندڙ هفتي گُهرايو ويندو. گلوبل فنانسنگ فيسلٽي تحت عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن جي صحت ۽ غذائيت جي حوالي سان فوڪل پرسن مقرر ڪيو وڃي. ورلڊ بئنڪ ايندڙ 2 کان 3 مهينن ۾ هڪ ڊونر ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن جو مقصد وفاقي وزير جي ايندڙ 2 کان 3 سالن جي ويزن کي اجاگر ڪرڻ آهي ۽ پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ حصيداري ۽ سيڙپڪاريءَ جا موقعا تلاش ڪرڻ آهي. وفاقي وزير ان تجويز جي آجيان ڪندي ڊونر ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ وزارت طرفان ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته صحت واري وزارت ۽ ورلڊ بئنڪ وچ ۾ ويجهن رابطن ۽ معلومات جي مٽاسٽا کي هٿي ڏني ويندي.

مزید خبریں