ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ آءِ ٽي سي اين ايشيا نمائش 23 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي

اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽن ڏينهن واري آءِ ٽي سي اين ايشيا نمائش اڱارو 23 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي، جيڪا 25 سيپٽمبر تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ جاري رهندي. اها نمائش پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت جي مستقبل جي ضمانت آهي. تفصيل مطابق ايس آءِ ايف سي جي معاونت سان آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام وزارت جا منصوبا ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان تحت ٽن ڏينهن واري نمائش(اڄ) کان شروع ٿيندي. نمائش جي …

اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽن ڏينهن واري آءِ ٽي سي اين ايشيا نمائش اڱارو 23 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي، جيڪا 25 سيپٽمبر تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ جاري رهندي. اها نمائش پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت جي مستقبل جي ضمانت آهي. تفصيل مطابق ايس آءِ ايف سي جي معاونت سان آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام وزارت جا منصوبا ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان تحت ٽن ڏينهن واري نمائش(اڄ) کان شروع ٿيندي. نمائش جي افتتاحي تقريب ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه شرڪت ڪندي. ايونٽ عالمي سطح تي پاڪستان کي جديد آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام هب جي طور تي روشناس ڪرائيندو. نمائش ۾ برطانيه، ترڪيه، آذربائيجان، سعودي عرب، چين، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا وفد شريڪ ٿيندا. گذريل سال آءِ ٽي سي اين ايشيا ۾ 500 ملين ڊالر جا معاهدا طئي ٿيا هئا. هن سال اهم معاهدن سان گڏوگڏ خاص طور تي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏني ويندي. 

مزید خبریں