سڄي ملڪ ۾ 8 انڪيوبيشن سينٽرز نوجوانن کي جديد سهولتون ۽ موقعا فراهم ڪري رهيا آهن: وفاقي وزير آءِ ٽي شزه فاطمه خواجه

حيدرآباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 8 انڪيوبيشن سينٽرز نوجوانن کي جديد سهولتون ۽ موقعا فراهم ڪري رهيا آهن. اهڙو اظهار هن نيشنل انڪيوبيشن سينٽر(اين آءِ سي) حيدر آباد ۾ اسٽارٽ اپس جي گريجوئيشن تقريب ۾ خاص مهمان طور خاطب ڪندي ڪيو.جيڪو آءِ ٽي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن واري وزارت تحت اگنائيٽ جي منصوبي طور قائم ڪيو ويو …

حيدرآباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 8 انڪيوبيشن سينٽرز نوجوانن کي جديد سهولتون ۽ موقعا فراهم ڪري رهيا آهن. اهڙو اظهار هن نيشنل انڪيوبيشن سينٽر(اين آءِ سي) حيدر آباد ۾ اسٽارٽ اپس جي گريجوئيشن تقريب ۾ خاص مهمان طور خاطب ڪندي ڪيو.جيڪو آءِ ٽي ۽ ٽيليڪميونيڪيشن واري وزارت تحت اگنائيٽ جي منصوبي طور قائم ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي وزارت جي اعليٰ اختيارين، اگنائيٽ، ايل ايم جي ٽي، پي ٽي سي ايل، سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کنڀاٽي، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو وائيس چانسلر پروفيسر طحه حسين علي ۽ ڪاروباري برادري جا نمائندا به موجود هئا. ان موقعي تي وفاقي وزير  خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد جا اسٽارٽ اپس نوجوانن جي صلاحيت ۽ عزم جو ثبوت آهي. سڄي ملڪ ۾ 8 انڪيوبيشن سينٽرز نوجوانن کي جديد سهولتون ۽ موقعا فراهم ڪري رهيا آهن، جن ذريعي اربين روپين جا منصوبا شروع ٿيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اسٽارٽ اپس لاءِ فنڊ ريزنگ ۽ نوجوانن جي ڪاروباري تربيت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته هر سال 3 لک کان وڌيڪ نوجوان مختلف پروگرامز ذريعي تربيت حاصل ڪري پنهنجا ڪاروباري منصوبا شروع ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڊجيٽل پاڪستان ايڪٽ جو مقصد عام شهرين جي زندگين ۾ آساني ۽ شفافيت آڻڻ آهي. ويجهي مستقبل   ۾ زرعي شعبي سميت معيشت جا سمورا شعبا ڊجيٽلائيز  ٿيندا جڏهن ته ايندڙ 3 سالن ۾ فائبر نيٽ ورڪ کي 60 سيڪڙو تائين وڌايو ويندو. سي اي او اگنائيٽ رفيق احمد ٻرڙو  چيو ته اين آءِ سي حيدرآباد اهو ثابت ڪيو آهي، ته ڪاروباري موقعا وڏن شهرن کان ٻاهر به ڪامياب ٿي سگهن ٿا. ايل ايم جي ٽي جي نائب صدر عاصم اسحاق خان موجب حيدرآباد جو اسٽارٽ اپس قومي سطح کان وڌيڪ عالمي مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ڪري رهيو آهي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اين آءِ سي حيدرآباد سيد ثنا شاهه ٻڌايو ته گذريل 3 سالن ۾ 150  کان وڌيڪ اسٽارٽ اپس کي انڪيوبيٽ ڪيو ويو آهي جن هڪ ارب روپين کان وڌيڪ جي آمدني، 47 ڪروڙ روپين جي سيڙپڪاري ۽ 4 هزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا. تقريب ۾ 32 اسٽارٽ اپس جي ڪاميابين جي تعريف ڪئي ۽ ان عزم کي ورجائڻ تي زور ڀريو ته حڪومت نوجوانن کي ٽيڪنالاجي ذريعي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. تقريب جي آخر ۾ گريجوئيٽس ۾ سندون ورهايون ويون جڏهن ته اين آءِ سي جا 3 سال  مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ڪيڪ به ڪاٽيو ويو. جنهن کانپوءِ وفاقي وزير اتي لڳايل مختلف اسٽالز جو به دورو ڪيو ۽ انتظام ڪندڙن کان انهن جي پراجيڪٽس بابت تفصيلي معلومات ورتي.

مزید خبریں