اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت مملڪتي وزير وجيهه قمر سان قطر چيريٽي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر امين عبدالسلام، اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ تعليمي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ خاص طور تي ٻارن جي اسڪول نه وڃڻ واري مسئلي، بنيادي تعليم جي هٿي ڏيڻ، غير رسمي تعليمي موقعن ۾ واڌ، ابتدائي عمر …
مملڪتي وزير وجيهه قمر سان قطر چيريٽي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر امين عبدالسلام جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت بابت مملڪتي وزير وجيهه قمر سان قطر چيريٽي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر امين عبدالسلام، اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ تعليمي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ خاص طور تي ٻارن جي اسڪول نه وڃڻ واري مسئلي، بنيادي تعليم جي هٿي ڏيڻ، غير رسمي تعليمي موقعن ۾ واڌ، ابتدائي عمر ۾ تعليم ۽ ٽيڪنيڪل ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ ذريعي هنرمندي کي هٿي وٺائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. وجيهه قمر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ تعليم جي شعبي ۾ حڪومت جي وابستگي تي روشني وڌي. هن چيو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم طرف آڻن ۽ هنر تي ٻڌل تعليم کي هٿي وٺائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي ۾ قطر چيريٽي جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ ان جي جاري تعاون جي آجيان پڻ ڪئي. هن پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ عالمي تعاون کي تعليمي ترقي لاءِ نهايت اهم قرار ڏنو. ان موقعي تي امين عبدالسلام پاڪستان ۾ قطر چيريٽي جي جاري منصوبن تي بريفنگ ڏني ۽ تعليم واري وزارت سان گڏجي اثرائتا قدم کڻڻ واري عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين تعليمي شعبي ۾ گڏيل تعاون جا نوان امڪان ڳولهڻ ۽ مربوط ۽ نتيجن واري انداز ۾ اڳيان وڌڻ تي اتفاق ڪيو.











