سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊ ۾ 4 هزار 379 وڪيل ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اهل قرار

لاهور -22 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي 16 آڪٽوبر تي ٿيندڙ سالياني چونڊ ۾ سڄي ملڪ مان 4 هزار 379 وڪيل ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اهل قرار ڏنا ويا آهن. بار ايسوسيئيشن طرفان جاري شيڊول موجب سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سڄي ملڪ ۾ منعقد ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ …

لاهور -22 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي 16 آڪٽوبر تي ٿيندڙ سالياني چونڊ ۾ سڄي ملڪ مان 4 هزار 379 وڪيل ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اهل قرار ڏنا ويا آهن. بار ايسوسيئيشن طرفان جاري شيڊول موجب سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سڄي ملڪ ۾ منعقد ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ 27 سيپٽمبر تائين وصول ڪيا ويندا. 29 سيپٽمبر تي اميدوارن جي نامزدگي وارن ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي ۽ اعتراضن تي ٻڌڻي ٿيندي. 30 سيپٽمبر تي اميدوارن جي عارضي فهرست جاري ڪئي ويندي. اپيل داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ پهرين آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته 3 آڪٽوبر تائين اپيلن تي فيصلا ٻڌايا ويندا. شيڊول موجب اميدوار 4 آڪٽوبر منجهند جو 2 بجي تائين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ لاءِ اهل هوندا ۽ ساڳئي ڏينهن ٽپهري جو 3 لڳي 30 منٽن تي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي جڏهن ته پولنگ 16 آڪٽوبر تي ٿيندي جنهن لاءِ سڄي ملڪ ۾ پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون وينديون.

مزید خبریں