اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي نوجوانن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻندي وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ پاڪستان آءِ ٽي انڊسٽري ايسوسيئيشن (پاشا) مفاهمت جي هڪ يادداشت تي وزيراعظم آفيس ۾ صحيحيون ڪيون آهن. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته ان شراڪتداري مطابق پاڪستاني نوجوانن کي هنر جا نوان موقعا فراهم ڪيا ويندا، ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ضرورتن مطابق …
وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ پاڪستان آءِ ٽي انڊسٽري ايسوسيئيشن وچ ۾ معاهدو

مزید خبریں
اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي نوجوانن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻندي وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ پاڪستان آءِ ٽي انڊسٽري ايسوسيئيشن (پاشا) مفاهمت جي هڪ يادداشت تي وزيراعظم آفيس ۾ صحيحيون ڪيون آهن. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته ان شراڪتداري مطابق پاڪستاني نوجوانن کي هنر جا نوان موقعا فراهم ڪيا ويندا، ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ضرورتن مطابق نصاب تيار ڪيو ويندو. هن چيو ته نوجوانن لاءِ سرٽيفڪيشن پروگرامز متعارف ڪرايا ويندا، ۽ نوجوان ڪاروباري ماڻهن لاءِ مينٽورشپ نيٽ ورڪ قائم ڪيو ويندو. راڻا مشهود احمد خان چيو ته انڪيوبيشن پروگرامز شروع ڪيا ويندا ته جيئن نون ڪاروباري ادارن کي هٿي وٺائي سگهجي. عورتن جي قيادت وارن ڪاروباري ادارن کي خاص اهميت ڏني ويندي، ٻئي تنظيمون نوجوانن جي ڪاميابي لاءِ گڏيل پاليسي اختيار ڪندي روزگار جا موقعا وڌائينديون. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ پاشا جي سهڪار سان پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت کي مستحڪم ڪيو ويندو، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ڪاروباري موقعن کي هٿي وٺائي ويندي، ان شراڪتداري سان پاڪستان جي نوجوانن لاءِ روشن ۽ پائيدار مستقبل لاءِ راهون هموار ٿينديون.











