ڪارپيٽ اينڊ فلورنگ ايڪسپو ۾ شرڪت لاءِ درخواستون طلب

اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي، ته ترڪيه ۾ 6 جنوري کان شروع ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ڪارپيٽ اينڊ فلورنگ ايڪسپو ۾ شرڪت لاءِ 25 سيپٽمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش استنبول ۾ 6 کان 9 جنوري 2026ع تائين جاري رهندي، جنهن ۾ ڪارپٽ، فلورنگ  سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي …

اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي، ته ترڪيه ۾ 6 جنوري کان شروع ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ڪارپيٽ اينڊ فلورنگ ايڪسپو ۾ شرڪت لاءِ 25 سيپٽمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش استنبول ۾ 6 کان 9 جنوري 2026ع تائين جاري رهندي، جنهن ۾ ڪارپٽ، فلورنگ  سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن سامهون پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.