ڪابل-16 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو تجربيڪار فاسٽ بالر نوين الحق ڪلهي (شولڊر) جي انجري سبب ٽي 20 ايشيا ڪپ 2025 مان ٻاهر ٿي ويو آهي. افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته نوين مڪمل طور تي فٽ ناهي جنهن لاءِ هن کي ايونٽ جي باقي ميچن مان دستبردار ٿيڻو پوندو. سندس جاءِ تي عبدالله احمد زئي …
افغانستان جو نوين الحق فٽنيس مسئلن سبب ٽي 20 ايشيا ڪپ 2025 مان ٻاهر، عبدالله احمد زئي اسڪواڊ ۾ شامل

مزید خبریں
ڪابل-16 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو تجربيڪار فاسٽ بالر نوين الحق ڪلهي (شولڊر) جي انجري سبب ٽي 20 ايشيا ڪپ 2025 مان ٻاهر ٿي ويو آهي. افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته نوين مڪمل طور تي فٽ ناهي جنهن لاءِ هن کي ايونٽ جي باقي ميچن مان دستبردار ٿيڻو پوندو. سندس جاءِ تي عبدالله احمد زئي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ، افغان ڪرڪيٽ بورڊ عبدالله احمد زئي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي نوين الحق جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.











