ٽي- 20 ايشيا ڪپ جا دلچسپ ميچ گڏيل عرب امارات ۾ جاري، بنگلاديش ۽ افغانستان ۾ 16 سيپٽمبر تي ميچ ٿيندو

دبئي- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) مردن جي ٽي 20 ايشيا ڪپ جا دلچسپ ميچ گڏيل عرب امارات ۾ جاري آهن، ان حوالي سان واحد ميچ اڱاري تي کيڏي ويندي. ٽورنامينٽ جي نائين ميچ ۾، بنگلاديش ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ ا ڄ ابو ظهبي جي شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ مقابلو ٿيندو. ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيون آهن، جن کي ٻن گروپن ۾ …

دبئي- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) مردن جي ٽي 20 ايشيا ڪپ جا دلچسپ ميچ گڏيل عرب امارات ۾ جاري آهن، ان حوالي سان واحد ميچ اڱاري تي کيڏي ويندي. ٽورنامينٽ جي نائين ميچ ۾، بنگلاديش ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ ا ڄ ابو ظهبي جي شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ مقابلو ٿيندو. ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيون آهن، جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت، عمان ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن، جڏهن ته گروپ بي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ هانگ ڪانگ شامل آهن. پاڪستاني ٽيم پنهنجو ٽيون ميچ 17 سيپٽمبر تي گڏيل عرب امارات خلاف کيڏندي. هر گروپ مان ٻه ٽيمون سپر فور اسٽيج ۾ پهچنديون، ۽ انهن مان ٻن ٽيمن وچ ۾ 28 سيپٽمبر تي فائنل کيڏنديون. ٽورنامينٽ جا ميچ دبئي ۽ ابو ظهبي ۾ شيڊول آهن.