گڏيل قومون _22 آگسٽ (اي پي پي ) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته ليبيا ۾ پائيدار امن ، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ وقت تي ڪوششون ڪيون وڃن جن ۾ قومي مفاهمت کي هٿي ڏيڻ ۽ ليبيا جي منجمند اثاثن جي محتاط ۽ شفاف سيڙپڪاري شامل هجي ته جيئن اهي اثاثا مستقبل ۾ ليبيا جي عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ٿي سگهن . اها ڳالهه …
ليبيا ۾ پائيدار امن ، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ قومي مفاهمت کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن جي ضرورت آهي . پاڪستان

مزید خبریں
گڏيل قومون _22 آگسٽ (اي پي پي ) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته ليبيا ۾ پائيدار امن ، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ وقت تي ڪوششون ڪيون وڃن جن ۾ قومي مفاهمت کي هٿي ڏيڻ ۽ ليبيا جي منجمند اثاثن جي محتاط ۽ شفاف سيڙپڪاري شامل هجي ته جيئن اهي اثاثا مستقبل ۾ ليبيا جي عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ٿي سگهن . اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ليبيا جي صورتحال تي بحث دوران چئي . هن چيو ته اسان ليبيا ۾ پائيدار امن استحڪام لاءِ ڪيل سمورين ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا . هن زور ڀريو ته هڪ واضع ، مقرر مدي تي ٻڌل ۽ قابل عمل سياسي لائحه عمل تيار ڪيو وڃي جيڪو قومي چونڊ جو رستو هموار ڪري . هن وڌيڪ چيو ته هڪ ليبيائي قيادت ۽ ليبيائي ملڪيت تي ٻڌل سياسي عمل ئي ملڪ ۾ پائيدار امن ، اتحاد ۽ ترقي جي ضمانت بڻجي سگهي ٿو . هن گڏيل قومن جي ليبيا بابت امن مشن (يو اين ايس ايم آئي ايل ) جي سربراهه هناٽيٽي جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته رپورٽ ۾ ڪيترن منفي رجحان جو ذڪر ڪيو ويو آهي ، جن ۾ گادي وارو شهر طرابلس ۽ ڀرپاسي ۾ واقع سيڪيورٽي جي غير يقيني صورتحال ، سياسي مفاهمت جي عمل ۾ جمود ۽ ڪمزور معاشي اهڃاڻ شامل آهي . هن ليبيا جي سمورن سياسي ، قبائلي ۽ مقامي ڌرين تي زور ڀريو ته هو جامع قومي ڳالهين ذريعي گڏيل اختلاف ختم ڪن . ۽ گڏيل سياسي رستو اختيار ڪن .پاڪستاني نمائندي چيو ته گڏيل قومن جي ليبيا بابت مشن (يو اين ايس ايم آئي ليل ) کي گهرجي ته هو فعال ۽ غير جانبدراڻو ڪردار ادا ڪندي سمورين ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻي ته جيئن طرابلس سميت سموري ليبيا ۾ امن جو قيام ممڪن ٿئي . هن ليبيا جي منجمند اثاثن متعلق گڏيل قومن جي قرارداد 2769 جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ۾ موجود ٻيهر سيڙپڪاري متعلق هدايت سمورن لاڳاپيل عالمي مالياتي ادارن تائين پهچائي ويندي ته جيئن ليبيا انويسٽمنٽ اٿارٽي کي ان اثاثن جي انتظام ۾ سهولت فراهم ڪري سگهجي . پاڪستاني نمائندي چيو ته اسان پراميد آهيون ته سمورين ڌريون پنهنجون ذميواريون خلوص نيت سان نڀائينديون ته جيئن ليبيا جو عوام پنهنجي جائز خوابن جي تعبير حاصل ڪري سگهي ۽ ملڪ پر امن ۽ خوشحال مستقبل طرف گامزن ٿي سگهي .











