پشاور - 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته صوبن سان گڏجي طوفان ۽ چئلينج جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، تازي قدرتي آفت ۾ 700 کان وڌيڪ ڀينرون ۽ ڀائر الله کي پيارا ٿي ويا، اڳتي اهڙي طرح جي واقعن جي خاتمي لاءِ خطرناڪ جاين تي اڏاوتن کي روڪڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بونير ۾ ٻوڏ متاثرين کي خطاب ڪندي ڪيو. ان کان …
صوبن سان گڏجي طوفان ۽ چئلينج جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، 700 کان وڌيڪ جانيُون ضايع ٿيون آهن، خطرناڪ جاين تي اڏاوتن کي روڪڻو پوندو: وزيراعظم

مزید خبریں
پشاور – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته صوبن سان گڏجي طوفان ۽ چئلينج جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، تازي قدرتي آفت ۾ 700 کان وڌيڪ ڀينرون ۽ ڀائر الله کي پيارا ٿي ويا، اڳتي اهڙي طرح جي واقعن جي خاتمي لاءِ خطرناڪ جاين تي اڏاوتن کي روڪڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بونير ۾ ٻوڏ متاثرين کي خطاب ڪندي ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم متاثرين ۾ امدادي چيڪس ورهايا. ان موقعي تي وفاقي وزير، اين ڊي ايم اي چيئرمين، ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئون پنهنجي پاران، پاڪستان حڪومت ۽ صوبائي حڪومت پاران افسوس جو اظهار ڪرڻ آيو آهيان، اسان سڀ الله تعاليٰ آڏو دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ توهان جي پيارن کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ڏي ۽ توهان سڀني کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته اوچتو ڪڪر ڦاٽا ۽ پاڻي جبلن تان پٿرن ۽ وڻن کي کڻي ٻوڏ جي شڪل اختيار ڪئي ۽ ڪنهن کي موقعو به نه مليو ۽ توهان جا پيارا دنيا مان هليا ويا. هن چيو ته صوابي، شانگلا، بونير، سوات، لوئر دير، باجوڙ، ڏکڻ وزيرستان ۽ مانسهره ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ جيڪي واقعا ٿيا ان سان پاڪستان جي هر اک آلي آهي، اٽڪل 350 کان وڌيڪ اسان جا ڀينر ۽ ڀائر خيبرپختوخواهه ۾ شهيد ٿيا، سوين زخمي ٿيا ۽ اڃا به ڪجهه گم آهن. پنجاب، سنڌ، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ اسان جا 700 کان وڌيڪ ڀينر ۽ ڀائر الله کي پيارا ٿي ويا. هن چيو ته 2022ع ۾ به اهڙي طرح جي شديد آسماني آفت آئي هئي جنهن ۾ سنڌ صوبي ۾ لکين ايڪڙ زمين ۽ فصل تباهه ٿيا هئا، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ لکين گهر تباهه ٿي ويا هئا. جتي جتي تباهي آئي هئي آئون پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهتو هئس. وفاقي حڪومت صوبن جي مدد کانسواءِ هڪ سئو ارب رپين جي رقم ورهائي هئي. اڄ ٻيهر وفاق صوبن سان گڏجي هتي خيبرپختونخواهه ۾ وڏي وزير سان گڏجي ان طوفان ۽ چئلينج جو مقابلو ڪري رهيو آهيان، مون واضح هدايت ڪئي آهي ته توهان صوبائي حڪومت سان گڏجي ڀلي اها خيبرپختونخواهه آهي، گلگت بلتستان آهي، آزاد ڪشمير آهي سڀني سان گڏجي ڪم ڪريون. ان ۾ ڪوبه فرق ناهي ڪرڻو ته هي منهنجو آهي يا تنهنجو، پر هي اسان جو آهي، اسان جي ذميواري آهي، جيڪي به اسان جا وسيلا آهن اهي عوام جي خدمت ۾ نڇاور ڪرڻا آهن. وزيراعظم چيو ته بجلي وارو وزير ۽ سيڪريٽري هن وقت خيبرپختونخواهه ۾ موجود آهن، بونير ۽ سوات ۾ جيڪي 47 فيڊرز هئا، ان مان 37 ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪالهه مون واضح هدايت ڪئي هئي ته ته بل ادا ٿئي ٿو يا نه، هڪ هفتي جي لاءِ هر جڳهه بجلي پهچائينداسين، 7 ڏينهن جي لاءِ هر گهر کي بجلي پهچندي ڀلي اهو بل ڏيندو هو يا نه. تباهه ٿيل رستا ۽ پُليون ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ اسان جو مواصلات وارو وزير ۽ مواصلات وارو سيڪريٽري هن وقت گلگت بلتستان ۾ آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جي تفصيلي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ سپاهه سالار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ڪور ڪمانڊر پشاور، اين ڊي ايم اي چيئرمين، لاڳاپيل وفاقي وزير، انجنيئر امير مقام، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، موسمياتي تبديلي وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ موجود هئا، باقي وزير فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته 2022ع جي دل ڏکوئيندڙ واقعا مون پنهنجي اکين سان ڏٺا. درياءَ جي ڀرپاسي پر وچ ۾ هوٽلون ٺهيل هيون، دنيا ۾ ڪٿي ڪو قانون نه آهي ته توهان ڪمائي جي لاءِ اهڙي خطرناڪ جاين تي هوٽلون ٺاهيو. مون کي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ ٻه اسپيلز اچڻا آهن، ان جي لاءِ الله تعاليٰ آڏو دعا ڪنداسين، پر جيڪا انساني غلطي آهي، ان جي ڪا معافي نه آهي، هتان جي ماڻهن جي لاءِ هي قيامت صغريٰ آهي. اسان کي اڳتي جي لاءِ انتظام ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان جا وزير، صوبائي حڪومت ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، علي امين گنڊاپور، چيف سيڪريٽري، آءِ جي سڀني جا ٿورائتو آهيان، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، هڪ طرف اسان جو خوارج جي خلاف مقابلو آهي، دهشتگردي جي خلاف مقابلو آهي، اتي اسان جا جوان ۽ آفيسر شهيد ٿي رهيا آهن ۽ ٻئي طرف هن آفت جو مقابلو آهي، سيد عاصم منير فوج کي حڪم ڏنو ته اها جتي جتي پهچي سگهي ٿي، پهچي ۽ ڏکويل ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪري. ايف سي، صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت پوري ڪوشش ڪري رهي آهي، سرنديءَ وارن ماڻهن کي الله تعاليٰ دين ۽ دنيا ٻئي عطا فرمائي. الخدمت فائونڊيشن ۽ ٻيا ادارا اڳتي وڌي ان نيڪ ڪم ۾ حصو وٺي رهيا آهن، الله تعاليٰ انهن کي اڃا وڌيڪ همت ڏي. اسان گڏجي خدمت ڪري رهيا آهيون، اسان جي گڏيل ذميواري آهي. ان ۾ ڪا سياست نه آهي ۽ نه ڪو ڏيکاءُ آهي. آئون علي امين گنڊاپور جي حڪومت کي شاباس ڏيان ٿو، سپهه سالار عاصم منير کي به شاباس ڏئي رهيو آهيان، پاڪ فوج جي آفيسرن، سڀني کي سلام پيش ڪريان ٿو. هڪ ٻن ڏينهن ۾ گڏجاڻي ۾ چئني صوبائي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين کي دعوت ڏيندس ۽ ان ۾ هڪ فيصلو ڪرڻو آهي ته اڳتي درياءَ جي ڀرپاسي اڏاوتن کي روڪڻو آهي، ان کي هڪ تحريڪ بڻائڻو آهي، سڀ ان جو حصو بڻجن.











