اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صنعتن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته حڪومت خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڪمپني شينڊونگ زن زو گروپ ڪارپوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت شينڊونگ زن زو گروپ جي چيئرمين هيو جيانزن …
وزيراعظم پاران چين جي صنعتن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صنعتن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته حڪومت خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڪمپني شينڊونگ زن زو گروپ ڪارپوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت شينڊونگ زن زو گروپ جي چيئرمين هيو جيانزن ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ٻئي ملڪ هر مشڪل ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. هن چين سان اقتصادي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيني صنعتن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم چيو ته حڪومت خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي شپ بريڪنگ ۽ شپ ري سائيڪلنگ جي شعبن ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. چيني ڪمپني شينڊونگ جي چيئرمين پاڪستان حڪومت پاران سهولتن جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته شينڊونگ پاڪستان ۾ ميري ٽائيم انڊسٽريل ڪمپليڪس قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي، شينڊونگ پاڪستان ۾ گرين شپ بريڪنگ يارڊ تعمير ڪندي. هن چيو ته سندس ڪمپني ماهيگيري، فش ۽ کجورن جي پراسيسنگ جي حوالي سان پاڪستان جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ چاهي ٿي. ملاقات ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا.











