پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٻطرفي ملاقات

اسلام آباد  - 20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪابل ۾ پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جي ڇهين ٽه ڌريي اجلاس جي موقعي تي افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٻطرفي ملاقات ڪئي، ٻنهي وزيرن پنهنجي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران …

اسلام آباد  – 20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪابل ۾ پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جي ڇهين ٽه ڌريي اجلاس جي موقعي تي افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٻطرفي ملاقات ڪئي، ٻنهي وزيرن پنهنجي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن 21 مئي 2025ع تي بيجنگ ۾ ٿيندڙ ٽه ڌريي اجلاس دوران طئي ٿيندڙ معاهدي موجب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازو ئي سفارتي نمائندگي جي درجي ۾ چارج ڊي افيئرز مان سفير جي درجي تائين ٿيندڙ ترقي جي آجيان ڪئي. تازي اڳڀرائي بشمول نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي 19 اپريل 2025ع ۽ 17 جولاءِ 2025ع تي ڪابل جي دورن ۽ 21 مئي 2025ع تي بيجنگ جي اجلاس تي غور ڪندي وزيرن مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ چيو ته انهن ملاقاتن جا اڪثر فيصلا يا ته لاڳو ڪيا ويا آهن يا انهن جي تڪميل ويجهو آهي. انهن ڪوششن سان پاڪ – افغان لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ ٽرانزٽ جي شعبن ۾ نمايان مضبوطي آئي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سياسي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ حوصلي جوڳي اڳڀرائي کي تسليم ڪندي چيو ته سيڪيورٽي جي شعبي خاص طور تي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اڳڀرائي اڃا گهربل رفتار سان ٿيڻ باقي آهي. هن افغان سرزمين تان ڪم ڪندڙ دهشتگرد گروهن پاران پاڪستان جي اندر دهشتگرد حملن ۾ تازي اضافي طرف ڌيان ڇڪرايو ۽ افغان عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اهي تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) / مجيد برگيڊ جهڙن گروهن جي خلاف ٺوس ۽ تصديق جوڳا قدم کڻڻ. افغان وقتي پرڏيهي وزير ان عزم جي تجديد ڪئي ته افغانستان پنهنجي سرزمين کي ڪنهن به دهشتگرد گروهه جي ذريعي پاڪستان يا ٻين ملڪن جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير افغان عملدارن جي پرخلوص مهمان نوازي تي انهن جا ٿورا مڃيا ۽ ڇهين ٽه ڌريي ڊائيلاگ جي ڪامياب ميزباني تي انهن کي مبارڪباد ڏني.