اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) ڇهين ٽه ڌريي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس 20 آگسٽ 2025ع تي ڪابل ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چين جي پرڏيهي وزير ۽ افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سياسي، اقتصادي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي …
ڇهين ٽه ڌريي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ڪابل ۾ منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) ڇهين ٽه ڌريي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس 20 آگسٽ 2025ع تي ڪابل ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چين جي پرڏيهي وزير ۽ افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سياسي، اقتصادي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٽه ڌريي ڪانفرنس دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو وچن ڪيو. هن واپار، ٽرانزٽ، علائقائي ترقي، صحت، تعليم، ثقافت ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف جنگ سان گڏوگڏ سي پيڪ کي افغانستان تائين توسيع ڏيڻ جي حوالي سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جي پڻ تصديق ڪئي.











