اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي امدادي اداري رليف بابت ڪنگ سلمان سينٽر طرفان 10 هزار شيلٽر ڪٽس ۽ 10 هزار فوڊ پئڪيجز تي ٻڌل امدادي سامان پاڪستان حڪومت جي حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان موقعي تي سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سفير نواف بن سعيد المالڪي چيو ته سعودي عرب مشڪل جي هن گهڙي ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي. …
رليف بابت ڪنگ سلمان سينٽر طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ 10 هزار شيلٽر ڪٽس ۽ 10 هزار فوڊ پئڪيجز تي ٻڌل امدادي سامان پاڪستان حڪومت حوالي

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي امدادي اداري رليف بابت ڪنگ سلمان سينٽر طرفان 10 هزار شيلٽر ڪٽس ۽ 10 هزار فوڊ پئڪيجز تي ٻڌل امدادي سامان پاڪستان حڪومت جي حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان موقعي تي سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سفير نواف بن سعيد المالڪي چيو ته سعودي عرب مشڪل جي هن گهڙي ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي. اربع ڏينهن ٻوڏ متاثرن لاءِ سعودي حڪومت طرفان امدادي سامان جي روانگي جي موقعي تي وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ هن اسان جو ساٿ ڏنو. سعودي عرب هميشه هر مشڪل گهڙي ۾ ڀائرن وانگر اسان سان گڏ بيٺلر هيو، هن وقت ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرن لاءِ امدادي سامان اسان جي حوالي ڪري رهيو آهي جنهن تي پاڪستان حڪومت، وزيراعظم ۽ پاڪستان جي عوام طرفان سعودي عرب جي حڪومت، شاهي فيملي ۽ ان جي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ رليف بابت ڪنگ سلمان سينٽر جو ٿورو مڃون ٿا جنهن 10 هزار شيلٽر ڪٽس ۽ 10 هزار فوڊ پئڪيجز جهڙي وڏي امداد اين ڊي ايم اي جي حوالي ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته شيلٽر ڪٽس ۾ هڪ فيملي لاءِ ضرورت جو سمورو سامان موجود آهي، جڏهن ته فوڊ ايٽم ۾ به مناسب شيون موجود آهن. اين ڊي ايم اي، ضلعي انتظاميه هڪ شفاف طريقي سان اهو امدادي سامان متاثرن تائين پهچائيندي. سعودي سفير نواف بن سعيدالمالڪي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني نقصان تي افسوس آهي، خاطري ڪرايون ٿا ته مشڪل وقت ۾ اسان پنهنجي پاڪستاني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته سعودي عرب جي حڪومت، شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان پنهنجي ڀائر ملڪ پاڪستان جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ پرعزم آهن.











