سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشانِ حيدر) جي 54هين يوم شهادت تي کيس زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد جي قرباني جرئت، ايمان ۽ ايثار جو اهڙو شاندار مثال آهي جنهن تي سڄي قوم کي فخر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن چيو ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس پنهنجي حياتي جو نذرانو ڏئي اهو …

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشانِ حيدر) جي 54هين يوم شهادت تي کيس زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد جي قرباني جرئت، ايمان ۽ ايثار جو اهڙو شاندار مثال آهي جنهن تي سڄي قوم کي فخر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن چيو ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس پنهنجي حياتي جو نذرانو ڏئي اهو ثابت ڪيو ته ملڪ جي خودمختياري ۽ قومي وقار سڀني کان مٿانهون آهي، سندس عظيم شهادت پاڪستاني قوم کي اهو پيغام ڏنو ته ملڪ جي حفاظت لاءِ جان جي بازي لڳائڻ سڀ کان اعليٰ اعزاز آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس جي بهادري ۽ استقامت نوجوان نسل لاءِ مشعل راه آهي. هن هٿيار ڦٽا ڪرڻ بدران پنهنجي جان قربان ڪري هڪ لازوال مثال قائم ڪيو جنهن کي تاريخ ڪڏهن نه وساريندي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پارليامينٽ ۽ سڄي قوم ان بهادر پٽ کي سلام عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ هميشه سندس يادن کي زنده رکندي، پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد جو نالو تاريخ ۾ وفاداري، بهادري ۽ حب الوطني جي علامت طور سنهري لفظن ۾ لکجي چڪو آهي.