بونير - 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ پاڪ فوج مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرين سان هر ممڪن تعاون جي لاءِ پرعزم آهي، متاثر علائقن ۾ بحالي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ معمولات زندگي بحال ڪرڻ جي لاءِ سمورن قومي وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف …
وفاقي حڪومت ۽ پاڪ فوج مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرين سان هر ممڪن تعاون جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
بونير – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ پاڪ فوج مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرين سان هر ممڪن تعاون جي لاءِ پرعزم آهي، متاثر علائقن ۾ بحالي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ معمولات زندگي بحال ڪرڻ جي لاءِ سمورن قومي وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي وزيرن ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گڏ ٻوڏ متاثر ضلعن سوات، بونير، شانگلا ۽ صوابي جو دورو ڪيو. وزيراعظم ۽ آرمي چيف کي خيبرپختونخواهه ۾ جاري امدادي ۽ بحالي جي ڪمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم جي اچڻ تي آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سندس استقبال ڪيو. ٻوڏ متاثرين سان ملاقات دوران وزيراعظم کين يقين ڏياريو ته وفاقي حڪومت ۽ پاڪ فوج هن مشڪل گهڙيءَ ۾ انهن سان هر ممڪن تعاون جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم هٿياربند فوج ۽ سول انتظاميا جي اڻٿڪ جذبي کي ساراهيندي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ انهن کي هر ممڪن امداد جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم چيو ته متاثر علائقن ۾ بحالي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ معمُول جي زندگي بحال ڪرڻ جي لاءِ قومي وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم غيرقانوني قبضن، ڪاٺ مافيا ۽ خاص طور تي پاڻي لنگهن ۾ کاڻين جي کوٽائي/ ڪريشنگ سرگرمين طرف ڌيان ڇڪرايو جيڪي جاني ۽ مالي نقصان جو وڏو سبب بڻجن ٿيون. هن هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ قانونن تي سختي سان عمل ٿيڻ گهرجي جتي ڪير به قانون کان مٿانهون نه هجي ۽ سڀني جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ضروري قدم کنيا وڃن. آرمي چيف امدادي سرگرمين ۾ مصروف پاڪ فوج جي جوانن ۽ پوليس ۽ سول انتظاميا جي اهلڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻوڏ ۽ شديد برساتن کان متاثرين جي مدد جي لاءِ انهن جي بي لوث جذبي کي ساراهيو. آرمي چيف هدايت ڪئي ته اهي ان ذميواري کي انتهائي ايمانداري سان نڀائين ۽ ٻوڏ کان متاثر خاندانن جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين. هن چيو ته شهرين جي حفاظت ۽ امداد اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن فورسز ۽ سول انتظاميا جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. ان کان اڳ قدرتي آفت ۾ فوت ٿيندڙن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.











