وفاقي وزير اورنگزيب کچي جي سيده نوشين افتخار سان ملاقات

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي قومي اسيمبلي جي قومي ورثي ۽ ثقافت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سيده نوشين افتخار سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ان موقعي تي سيده نوشين افتخار کي قومي اسيمبلي جي قومي ورثي ۽ ثقافت بابت …

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي قومي اسيمبلي جي قومي ورثي ۽ ثقافت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سيده نوشين افتخار سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ان موقعي تي سيده نوشين افتخار کي قومي اسيمبلي جي قومي ورثي ۽ ثقافت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته هو پنهنجي خوشقسمتي سمجهي ٿو ته چيئرپرسن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن سيده نوشين افتخار جي جذبي ۽ ذميوارين کي ساراهيندي چيو ته قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت هر سطح تي ڪميٽي سان مڪمل تعاون ڪندي، اسان جي ثقافت ۽ ورثو صدين تي ٻڌل، ان جي حفاظت ۽ ذميواري منهنجي اولين ترجيح آهي. هن واضح ڪيو ته وزارت جي ماتحت ادارن جو مقصد ڪمائڻ ناهي پر قومي ورثي کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ ۽ عوامي سطح تي ان جي آگاهي کي هٿي ڏيڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته قائداعظم ۽ علامه اقبال جهڙن قومي هيروز سان ڳنڍيل ادارا قومي سڃاڻپ جو حصو آهن ۽ وزيراعظم جي هدايت موجب اهڙا ادارا ڪنهن به صورت ۾ ختم نه ڪيا ويندا. ان موقعي تي وزير چيئرپرسن کي وزارت جي ماتحت ادارن جي ڪارڪردگي ۽ جاري منصوبن کان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ڪميٽي جي هر گڏجاڻي ۾ ڀرپور تعاون فراهم ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته 18 هين ترميم کانپوءِ وڌيڪ ادارا صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سيده نوشين افتخار چيو ته ثقافتي ادارن جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي، هن چيو ته اها منهنجي به خوش قسمتي آهي ته مون کي اوهان سان گڏ ڪم ڪرڻ ۽ بهتر ماحول ۾ سکڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. مون وزيراعظم جي خواهش تي ان ڪميٽي جون ذميواريون سنڀاليون آهن ڇاڪاڻ ته هو ان شعبي تي خاص ڌيان ڏيڻ چاهي ٿو. ملاقات ۾ اهو طئي ٿيو ته وزارت جي سمورا ذيلي ادارا چيئرپرسن کي باضابطه بريفنگ ڏيندا. ان موقعي تي قومي ورثي ۽ ثقافت وارو سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني به موجود هو.