پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر جي ملاقات

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ توانائي خاص ڪري تيل، گئس ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم واري وزارت طرفان جاري بيان موجب پيٽروليم واري وزارت ۾ ٿيل ان ملاقات دوران آمريڪي ناظم الامور …

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ توانائي خاص ڪري تيل، گئس ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم واري وزارت طرفان جاري بيان موجب پيٽروليم واري وزارت ۾ ٿيل ان ملاقات دوران آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر پاڪستان جي توانائي جي صنعت ۾ آمريڪي سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويزن تحت آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان جي تيل، گئس ۽ معدنيات جي شعبي ۾ گهري دلچسپي رکن ٿيون. آمريڪا  پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. آمريڪي سفارتخانو، ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن سيڪٽر ۾ آمريڪي ۽ پاڪستاني ڪمپنين وچ ۾ سڌي ريت رابطو قائم ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو ته جيئن ان شعبي جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ آمريڪي سيڙپڪارن جي گهري دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت آف شور ۽ آن شور آئل ۽ گئس جي ايڪسپلوريشن بلاڪس لاءِ نيلامي جو عمل شروع ڪري رهي آهي جيڪو عالمي حصيدارن لاءِ هڪ شاندار موقعو آهي. پاڪستان ۾ خاص طور تي شيل آئل ۽ گئس جي حوالي سان وڏي مقدار ۾ استعمال نه ٿيل وسيلا موجود آهن ۽ ان مقامي وسيلن کي استعمال جوڳن ذخيرن ۾ تبديل ڪرڻ اسان جي حڪومت جو هدف آهي. اسان اڳ ئي آمريڪي ڪمپنين سان مثبت معلوماتي مٽاسٽا ڪري رهيا آهيون. ٻنهي عملدارن تازي ڊائريڪٽ لائن ويبنار جي ڪاميابي کي ساراهيو جيڪو آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان جي معدنيات جي شعبي ۾ موقعن سان ڳنڍڻ لاءِ منعقد ڪيو ويو هو ۽ ان کي آئنده تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ تعاون لاءِ هڪ ماڊل قرار ڏنو. آمريڪي ناظم الامور ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان ڳالهيون ڪاميابي سان جاري رهيون آهن. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ان حصيداري کي اقتصادي ميدان ۾ به اڳتي وڌايو وڃي، ملاقات ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته توانائي جي شعبي ۾ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو ۽ آمريڪي ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري ذريعي گڏيل اقتصادي ۽ توانائي ترقي کي هٿي ڏني ويندي.