قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ پي اي سي جي چيئرمين جنيد اڪبر خان جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وزارت ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي سال 23-2022ع ۽ 24-2023ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو.  تعليم واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺندي پي اي سي جي پڇاڻي تي پيشيوراڻي تربيت جي …

اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ پي اي سي جي چيئرمين جنيد اڪبر خان جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري وزارت ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي سال 23-2022ع ۽ 24-2023ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو.  تعليم واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺندي پي اي سي جي پڇاڻي تي پيشيوراڻي تربيت جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ٻارن کي ملڪ جي صنعتي ضرورتن ۽ انٽرنيشنل مارڪيٽ کي نظر ۾ رکندي تربيت ڏني ويندي آهي. اسان 6 مهينن تائين تربيت ڏيندا آهيون. اسان جو ڪم ٻاهر موڪلڻ ناهي. ٻاهر بيورو آف اميگريشن ذريعي موڪليو ويندو آهي. اسان وٽ پنهنجو ڪو تربيتي ادارو ناهي، اسان صوبن، يونيورسٽين ۽ نجي ادارن سان گڏجي تربيت ڏيندا آهيون. اين جي اوز به اسان سان گڏجي ڪم ڪنديون آهن، جيڪڏهن ڪا رجسٽرڊ اين جي او معيار تي پورو  لهي ته پوءِ ان سان گڏجي ڪم ڪندا آهيون. اسان تربيت ڏيندڙ ادارن جي پهرين بئنڪ گارنٽي وٺندا آهيون ۽ غيرجانبدار ادارن ذريعي تربيت جي آڇ ڪندڙ ادارن جي صلاحيت ڏٺي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن اداري جا نتيجا نه هجن ته کين ادائيگي ناهي ڪئي ويندي. اسان هڪ سال ۾ هڪ لک 36 هزار ماڻهن کي تربيت ڏني آهي. وزيراعظم جي هدايت تي هڪ هزار ماڻهن جي تربيت مڪمل ٿي چڪي آهي، هنن ٽيسٽ پاس ڪري ورتي آهي هاڻي انهن جي ويزا حاصل ڪرڻ جو مرحلو جاري آهي. هن چيو ته ليبر فورس تي جيڪا رقم خرچ ٿيڻ گهرجي اها نه ٿي رهي آهي ان لاءِ اسان بنگلاديش ۽ انڊيا جو مقابلو نٿا ڪري سگهون. پي اي سي جي چيئرمين چيو ته نيوٽيڪ ۽ ٽيوٽا جي حوالي سان مڪمل بريفنگ وٺنداسين ۽ انهن ادارن جي ڪارڪردگي جو به جائزو وٺنداسين. ڊي جي نيوٽيڪ سڀ تفصيل پي اي سي کي فراهم ڪيا. يوٽيلٽي اسٽورز جي ملازمن جي حوالي سان معاملي جو جائزو وٺندي صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري ٻڌايو ته ان اداري جي قيام جو مقصد سستون شيون فراهم ڪرڻ هو. 5 هزار يوٽيلٽي اسٽورز ۾ 11 هزار ملازم هئا، ان اداري ۾ بي قاعدگين جون شڪايتون هيون، هاڻي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي اها سبسڊي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ماڻهن کي فراهم ڪئي ويندي. پي اي سي جي پڇاڻي تي صنعت واري سيڪريٽري ٻڌايو ته انهن ملازمن لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي هينڊسم پئڪيج تي ٻڌل گولڊن شيڪ هينڊ ڏنو ويندو. ان جو اعلان جمعي تائين ڪيو ويندو. خواجه شيراز محمود چيو ته هزارين ماڻهو بي روزگار ٿي ويندا، هي ادرو بند نه ٿيڻ گهرجي. سيد نويد قمر چيو ته ان اداري جو نيٽ ورڪ سڄي ملڪ ۾ آهي، هڪدم ان اداري کي ختم ڪرڻ جو فيصلو درست ناهي. پارليامينٽ ۾ اها خاطري ڏياري وئي هئي ته ان اداري کي بند نه ڪيو ويندو. پي اي سي جي ميمبرن جو چوڻ هو ته ان اداري جي حوالي سان ڪو باعزت طريقو اختيار ڪيو وڃي. جنيد اڪبر خان چيو ته اداري جي ننڍن ملازمن جون پگهارن ڇو بند ڪيون ويون آهن، جڏهن ته آفيسر پگهار وٺي رهيا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري چيو ته ڪيترن ئي ڪاروباري سپلائرز جون 14 ارب روپين جون ادائيگيون ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز وٽ رقم ناهي. ايم ڊي سميت ڪنهن کي به پگهار نه ملي رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پي ٽي ڊي سي جي طرز تي ان کي پئڪيج ڏنو وڃي. اسان حڪومت کي چيو آهي ته ڊيلي ويجز ۽ ڪانٽريڪٽ ملازمن کي به پئڪيج ۾ شامل ڪيو وڃي، سمورن ملازمن کي انهن جون پگهارون ادا ڪيون وينديون. ڪمپني بند نه ٿيندي، ان جون ملڪيتون ۽ اثاثا ڪارپوريشن جي ملڪيت رهندا. پي اي سي چيئرمين جنيد اڪبر خان چيو ته پي ٽي ڊي سي جي ملڪيتن تي قبضو ٿي چڪو آهي، پي اي سي ان معاملي کي سيد نويد قمر جي سربراهي ۾ جوڙيل پي اي سي جي ذيلي ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو.