اسلام آباد - 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تحت نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سامان جي پهچ جاري آهي. باجوڙ ۽ مانسهره جي لاءِ ٻه جدا جدا امدادي کيپُون روانيون ڪيون ويون، امدادي سامان ۾ تنبو، ڪمبل، جنريٽر، ڊي واٽرنگ پمپس، راشن بيگز ۽ دوائون شامل آهن، اهو سامان ٻوڏ متاثرين ۾ …
وزيراعظم جي هدايت تحت نيشنل اين ڊي ايم اي پاران خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سامان جي پهچ جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تحت نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سامان جي پهچ جاري آهي. باجوڙ ۽ مانسهره جي لاءِ ٻه جدا جدا امدادي کيپُون روانيون ڪيون ويون، امدادي سامان ۾ تنبو، ڪمبل، جنريٽر، ڊي واٽرنگ پمپس، راشن بيگز ۽ دوائون شامل آهن، اهو سامان ٻوڏ متاثرين ۾ ورهائڻ جي لاءِ لاڳاپيل انتظاميا جي حوالي ڪيو ويندو. واضح رهي ته اين ڊي ايم اي هٿياربند فوج ۽ فلاحي ادارن جي تعاون سان خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ امدادي سامان روانو ڪري رهيو آهي ۽ سمورن لاڳاپيل سول ۽ عسڪري ادارن سان مڪمل رابطي ۾ آهي ان کانسواءِ سمورن لاڳاپيل ادارن پاران جاري امدادي ڪاررواين جي نگراني پڻ ڪري رهيو آهي.











