اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سياحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر سردار ياسر الياس خان چيو آهي ته عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت ۽ دور انديش ساک پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي، سياحت قومي ترقي لاءِ اهميت رکي ٿي. جاري بيان موجب ياسر الياس پاڪستان انٽرنيشنل فوڊ اينڊ ريسٽورنٽ ايوارڊز جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن عالمي سطح تي پاڪستان جي …
سياحت قومي ترقي لاءِ اهم آهي: سردار ياسر الياس خان

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سياحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر سردار ياسر الياس خان چيو آهي ته عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت ۽ دور انديش ساک پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي، سياحت قومي ترقي لاءِ اهميت رکي ٿي. جاري بيان موجب ياسر الياس پاڪستان انٽرنيشنل فوڊ اينڊ ريسٽورنٽ ايوارڊز جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي هن عالمي سطح تي پاڪستان جي هڪ مثبت ۽ دور انديش ساک پيش ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ سياحت کي قومي ترقي لاءِ اهم قرار ڏنو. هن سياحت جي شعبي ۾ درپيش چئليجن ۽ موقعن جي حوالي سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ۽ مختلف راين ۾ ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ انڊسٽري جي ماهرن جي راين کي ساراهيو. تقريب جي پڄاڻي تي ايوارڊز ۽ شليڊز ورهايون ويون. ياسر الياس پنجاب جي گورنر سان گڏ پاڪستان جي هوٽلنگ ۽ سياحت جي صنعتن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙن ۾ شيلڊون ورهايون.











