اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار (ٽه ڌرئي) پرڏيهي وزيرن، پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪابل پهچي ويو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو ڪابل پهچڻ تي افغانستان جي ڊپٽي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد نعيم، چيف آف اسٽيٽ پروٽوڪول فيصل جلالي، افغان پرڏيهي وزارت ڪابل جي فرسٽ پوليٽيڪل جي ڊائريڪٽر جنرل، مفتي نور احمد ۽ افغانستان ۾ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ٽه ڌرئي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪابل پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار (ٽه ڌرئي) پرڏيهي وزيرن، پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪابل پهچي ويو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو ڪابل پهچڻ تي افغانستان جي ڊپٽي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد نعيم، چيف آف اسٽيٽ پروٽوڪول فيصل جلالي، افغان پرڏيهي وزارت ڪابل جي فرسٽ پوليٽيڪل جي ڊائريڪٽر جنرل، مفتي نور احمد ۽ افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير عبيد الرحمان نظاماڻي استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جو ڇهون ٽه ڌريو اجلاس ڪابل ۾ ٿي رهيو آهي. نائب وزيراعظم سان افغانستان لاءِ خاص نمائندو محمد صادق ۽ پرڏيهي وزارت جا اعليٰ عملدار به گڏ آهن. اجلاس ۾ واپار، علائقائي لاڳاپن ۽ دهشتگردي خلاف تعاون تي بحث ڪيو ويندو. اسحاق ڊار جي دوري دوران افغان نگران پرڏيهي وزير سان ٻطرفي ملاقات جو به امڪان آهي.











