پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جو ڪابل ۾ ڇهُون ٽه ڌريو اجلاس، اسحاق ڊار شرڪت ڪندو

اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جو ڇهُون ٽه ڌريو اجلاس ڪابل ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جو ڇهون ٽه ڌريو اجلاس ڪابل ۾ ٿي رهيو آهي. پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ …

اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جو ڇهُون ٽه ڌريو اجلاس ڪابل ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جو ڇهون ٽه ڌريو اجلاس ڪابل ۾ ٿي رهيو آهي. پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڪابل پهچي ويو آهي، ساڻس افغانستان لاءِ خاص نمائندو محمد صادق ۽ پرڏيهي وزارت جا اعليٰ عملدار گڏ آهن. اجلاس ۾ واپار، علائقائي لاڳاپن ۽ دهشتگردي خلاف تعاون تي بحث ڪيو ويندو. اسحاق ڊار جي دوري دوران افغان نگران پرڏيهي وزير سان ٻطرفي ملاقات جو به امڪان آهي.