وزيراعظم پاران پائلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) کي سندس 54هين ورسي تي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پائلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) کي سندس 54هين ورسي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سندس عظيم قرباني جرئت ۽ فرض جي ادائگي جي اعليٰ روايتن جي مظهر آهي. راشد منهاس جو نالو قوم جي تاريخ ۾ هميشه وفاداري، همت ۽ فخر جي علامت طور محفوظ رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل …

اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پائلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) کي سندس 54هين ورسي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سندس عظيم قرباني جرئت ۽ فرض جي ادائگي جي اعليٰ روايتن جي مظهر آهي. راشد منهاس جو نالو قوم جي تاريخ ۾ هميشه وفاداري، همت ۽ فخر جي علامت طور محفوظ رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب پائلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد (نشان حيدر) جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته راشد منهاس جي عظيم قرباني جرئت ۽ فرض جي ادائگي جي اعليٰ روايتن جي مظهر آهي. 1971ع ۾ هن ڏينهن تي هن غير معمولي عزم جو مظاهرو ڪيو ۽ پاڪستان جي خودمختياري جي حفاظت لاءِ شهادت ماڻي. وزيراعظم چيو ته راشد منهاس جو بي مثال جذبو، وفاداري ۽ حب الوطني هٿياربند فوج ۽ قوم لاءِ لازوال ترغيب جو سبب آهي. سندس بهادري جي ڪهاڻي اسان جي قومي ضمير کي آزادي جي قيمت ۽ مادر وطن جي دفاع لاءِ گهربل لازوال همٿ جي ياد ڏياري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج راشد منهاس جي لازوال ميراث کي شاندار خراج تحسين پيش ڪري ٿي. سندس نالو سدائين قوم جي تاريخ ۾ وفاداري، جرئت ۽ فخر جي علامت طور محفوظ رهندو.