اسلام آباد -20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پاڪ فضسائيه جي شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته راشد منهاس بهادري، بي خوفي ۽ حب الوطني جي لازوال مثال آهي، هن ناقابل فراموش قرباني ڏئي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو. پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته فضا جي شاهين راشد منهاس جرت …
راشد منهاس جرئت ۽ پاڪستان سان بي مثال محبت جي تاريخ لکي: محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد -20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پاڪ فضسائيه جي شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته راشد منهاس بهادري، بي خوفي ۽ حب الوطني جي لازوال مثال آهي، هن ناقابل فراموش قرباني ڏئي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو. پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته فضا جي شاهين راشد منهاس جرت ۽ پاڪستان سان بي مثال محبت جي تاريخ لکي، وطن جي غدار جهاز اغوا ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ته راشد منهاس جان جي پرواهه کان سواءِ سازش کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته شهيد پائليٽ آفسر راشد منهاس جي حب الوطني واري جذبي جي روشني اڄ به اسان جي دلين کي منور ڪري رهي آهي. شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس دشمن کي واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان جي فضا دشمن چالين جو ڪڏهن به شڪار نه ٿيندي، ان عظيم قرباني ثابت ڪيو ته اصل بهادري اها آهي، جيڪا زندگي هٿ تي رکي وطن جي عزت بچائي، ۽ راشد منهاس ان جو زنده مثال آهي. تازي جنگ ۾ به پاڪ فضائيه جي شاهينن دشمن جا 6 جهاز ڪيرائي عبرتناڪ شڪست ڏني. هن چيو ته پاڪ فضائيه بهترين حڪمت عملي ۽ پيشيواراڻين صلاحيتن جو مظاهرو ڪري پنهنجي فضائي برتري برقرار رکي جنهن کي دنيا به تسليم ڪيو. پاڪ فضائيه جو هر شاهين شهيد پائليٽ آَيسر راشد منهاس جهڙي غير معمولي جرئت ۽ حب الوطني جي بي مثال جذبي سان سرشار آهي. شهيد آفيسر پائليٽ راشد منهاس وانگر وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار پنهنجي بهادر ۽ جانثار شاهينن تي فخر آهي، راشد منهاس جي قرباني هڪ ڏيئو آهي، جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ جذبي جي ڪرڻ آهي.











