وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي هدايت تي سيدپور ماڊل وليج ۾ حددخلين ۽ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڀرپور آپريشن

اسلام آباد -20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن جي نقوي جي هدايت تي سيد پور ماڊل وليج ۾ حددخلين ۽ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڀرپور آپريشن دوران هن وقت تائين 200 غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي، نيشنل پارڪ جي 191 ڪينال ايراضي قبضو ڪندڙن کان خالي ڪرائي وئي آهي. ڪيترن ئي سالن کان مسواڙ ادا نه ڪندڙن کان عمارتون خالي ڪرايون ويون، هاڻي اهي ملڪيتون نيلام ڪيون وينديون. …

اسلام آباد -20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن جي نقوي جي هدايت تي سيد پور ماڊل وليج ۾ حددخلين ۽ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڀرپور آپريشن دوران هن وقت تائين 200 غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي، نيشنل پارڪ جي 191 ڪينال ايراضي قبضو ڪندڙن کان خالي ڪرائي وئي آهي. ڪيترن ئي سالن کان مسواڙ ادا نه ڪندڙن کان عمارتون خالي ڪرايون ويون، هاڻي اهي ملڪيتون نيلام ڪيون وينديون. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق 360 ڪينال ايراضي تي 2005ع کان پوءِ ٺاهيل غيرقانوني اڏاوتن خلاف بنافرق جي آپريشن جاري آهي. وفاقي وزير محسن نقوي سيد پور ماڊل وليج جو دورو ڪيو ۽ غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن جو جائزو ورتو. گهرو وزير محسن نقوي سيد پور وليج جي اپگريڊيشن ۽ بيوٽيفڪيشن جي ڪمن تي اڳڀرائي جو معائنو ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي سيد پور وليج جي آسپاس حددخلين ۽ غيرقانوني اڏاوتن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري رکڻ جا حڪم ڏنا. گهرو وزير غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن تي سي ڊي اي جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو ته علائقي ۾ هر قسم جي غيرقانوني اڏاوتن جو خاتمو ترجيح آهي. ڪراچي ۽ لاهور جي مشهور ريسٽورينٽس کي سيد پور وليج ۾ آندو ويندو. محسن نقوي چيو ته سيد پور وليج جي بحالي سان اسلام آباد جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيندو ۽ شهرين کي نيون تفريحي ماحول ميسر ايندو. سيد پور وليج کي عالمي معيار جو تفريحي مرڪز بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. گهرو وزير سي ڊي اي ۽ ڊي ايم اي اختيارين کي وليج جي آسپاس صفائي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته سيد پور وليج مستقبل جو نئون ڪمرشل مرڪز بڻجندو، سياحن کي معياري سهولتون فراهم ڪيون وينديون. گهرو وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سيٽلائيٽ اميجري کان 2005ع کان پوءِ ٺاهيل اڏاوتن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي. سيد پور ماڊل وليج جي گرين ڪور ايريا کي بحال ڪيو پيو وڃي. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا سيد پور وليج منصوبي تحت ٿيل ڪم تي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سي ڊي اي ميمبر، اي ڊي سي جي، ايس ايس پي آپريشنز ۽ لاڳاپيل اختياريون پڻ ان موقعي تي موجود هيون.