پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نئين تاريخ رقم، 100 انڊيڪس هڪ لک 50 هزار پوائنٽس کان وڌي  وئي

اسلام آباد -20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي جو سلسلو جاري اهي ۽ گذريل ڏينهن 100 انڊيڪس 600 کان وڌيڪ پوائنتس جي اضافي سان هڪ لک 50 هزار 423 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو. اهو پهريون موقعو آهي ته 100 انڊيڪس مسلسل ٻن ڏينهن ۾ هڪ لک 50 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪئي، جنهن کي مارڪيٽ ماهر ملڪي معيشت لاءِ وڏي ۽ هاڪاري …

اسلام آباد -20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي جو سلسلو جاري اهي ۽ گذريل ڏينهن 100 انڊيڪس 600 کان وڌيڪ پوائنتس جي اضافي سان هڪ لک 50 هزار 423 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو. اهو پهريون موقعو آهي ته 100 انڊيڪس مسلسل ٻن ڏينهن ۾ هڪ لک 50 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪئي، جنهن کي مارڪيٽ ماهر ملڪي معيشت لاءِ وڏي ۽ هاڪاري سگنل قرار ڏيندي رهيا آهن. گذريل ڏينهن به انڊيڪس ڏيبنهن جو 2 هزار 127 پوائنٽس جي شاندار تيزي سان هڪ لک 50 هزار 323 پوائنٽن تائين پهتو آهي، پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڪجهه سيڙپڪارن طرفان پرافٽ ٽيڪنگ جي نتيجي ۾ اهو هڪ لک 49 هزار 770 پوائنٽس تي بند ٿيو.