وزيراعظم پاران خيبرپختونخواهه جي متاثر علائقن ۾ ايندڙ هڪ هفتو بنا لوڊشيڊنگ مسلسل بجلي فراهم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي متاثر علائقن ۾ ايندڙ هڪ هفتو بنا لوڊشيڊنگ مسلسل بجلي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ متاثرين ۾ امدادي رقم جي ورڇ جي لاءِ ضروري ڪارروائي فوري مڪمل ڪئي وڃي، امدادي شين تي ٻڌل ٽرڪن جي انگ کي فوري طور تي ٻيڻو ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …

اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي متاثر علائقن ۾ ايندڙ هڪ هفتو بنا لوڊشيڊنگ مسلسل بجلي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ متاثرين ۾ امدادي رقم جي ورڇ جي لاءِ ضروري ڪارروائي فوري مڪمل ڪئي وڃي، امدادي شين تي ٻڌل ٽرڪن جي انگ کي فوري طور تي ٻيڻو ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ تازي برساتن ۽ ٻوڏ جي نقصانن ۽ جاري امدادي ڪاررواين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي متاثر علائقن ۾ ايندڙ هڪه فتو بنا لوڊشيڊنگ جي مسلسل بجلي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ متاثرين ۾ امدادي رقم ورهائڻ جي لاءِ ضروري ڪارروائي فوري مڪمل ڪئي وڃي، امدادي شين تي ٻڌل ٽرڪن جي انگ کي فوري طور تي ٻيڻو ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير ميان معين وٽو فوري طور تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ عوامي معاملن وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال صوابي وڃن ۽ امدادي سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪن. وزيراعظم چيو ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارووفاقي وزير انجنيئر امير مقام، مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، بجلي وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار يوسف ۽ خاص معاون مبارڪ زيب جي متاثرن علائقن جي دوري ۽ متاثرين جي لاءِ مدد ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي پاڻ نگراني ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته لاڳاپيل وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز، وفاقي سيڪريٽرين، پاڪ فوج، اين ايڇ اي، ايف ڊبليو او، ريسڪيو ۽ ريليف جي ادارن جي اهلڪارن جو ٿورائتو آهيان جو انهن فوري هدايتن کانپوءِ امداد ۽ بحالي جي لاءِ قدم کنيا ۽ کڻي رهيا آهن. هن چيو ته متاثرين جي ڏکن تي مرهم رکڻ اسان جو قومي فرض آهي ۽ اسان سڀ مصيبت جي گهڙيءَ ۾ پنهنجي پاڪستاني ڀينرن ڀائرن سان گڏ آهيون. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سمورا ادارا مشڪل گهڙيءَ ۾ قومي، ملي، سياسي ذميواري پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن جنهن تي انهن جو ٿورائتو آهيان، الله تعاليٰ انهن کي اجر عظيم عطا فرمائي. پاڪ فوج ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ڪاررواين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن ۽ ماڻهن کي متاثر علائقن مان ڪڍي رهيا آهن، انهن جي هيليڪاپٽرن سان مدد ڪري رهيا آهن، انهن کي خوراڪ فراهم ڪئي پئي وڃي، الخدمت فائونڊيشن سميت اين جي اوز خدمت خلق جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته هي ڏکيو مرحلو آهي، اسان کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين متاثرين جي مدد ڪرڻي آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مواصلات، توانائي، سميت ٻيا شعبا ڀرپور انداز ۾ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيا آهن، متاثر علائقن ۾ 49 مان 37 فيڊرز مختصر مدي ۾ بحال ٿي چڪا آهن، ايف ڊبليو او سميت ٻيا ادارا بونير، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت ٻين علائقن ۾ ڀرپور خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري بريفنگ دوران ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جا ادارا ۽ اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومت سان گڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ڪاررواين ۾ ڀرپور ساٿ ڏئي رهيا آهن. بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري بريفنگ ۾ ٻڌايو ته بجلي متاثر 49 فيڊرز مان 37 بحال ٿي چڪا آهن جڏهن ته باقي جي بحالي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، اسپتالن جي بجلي ترجيحي بنيادن تي بحال ڪئي وئي آهي، متاثر علائقن ۾ سمورين اسپتالن جي بجلي فعال آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته امدادي سرگرمين کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ رابطن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ 210 متاثر موبائيل فون ٽاورز مان 190 کي بحال ڪيو ويو آهي ۽ 911 تي ٽيلڪوز پاران مفت ڪال جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان اجلاس کي ٻڌايو ته اسڪردو کان جگلوٽ جو رستو بحال ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري اسڪردو ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ ٻارڻ جي کوٽ نه آهي ۽ سامان جي پهچ جاري آهي. اجلاس ۾ انجنيئر امير مقام دير، سردار اويس لغاري سوات، عبدالعليم خان اسڪردو، خاص معاون مبارڪ زيب باجوڙ، مذهبي معاملن واري وزير سردار يوسف بونير، اين ايڇ اي چيئرمين مالاڪنڊ مان جاري امدادي سرگرمين تي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي برساتن ۽ ٻوڏ جي 36 ڪلاڪن دوران ئي ملبي جو وڏو حصو هٽايو ويو، متاثر علائقن ۾ سمورا رستا بحال آهن جڏهن ته رابطا رستن ۽ ننڍن رستن جي بحالي تي پڻ وفاقي حڪومت ۽ اين ايڇ اي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي. ناڻي واري وزارت پاران ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين جي لاءِ اضافي 4 ارب جو فنڊ مختص ڪيو ويو جنهن جي ڪري امدادي سرگرميون بنا رڪاوٽ جاري رهنديون. اجلاس کي اين ڊي ايم اي پاران بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چوماسي جو تازو اسپيل هن وقت ملڪ جي ڏاکڻي ۽ وچ ۾  آهي جنهن بابت اڳواٽ اطلاعات ۽ آگاهي جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب هيستائين اٽڪل 25 هزار ماڻهن کي ريسڪيو ويو آهي. هن وقت خيبرپختونخواهه ۾ 308 جڏهن ته مجموعي طور تي ملڪ ۾ متاثرين جي مدد لاءِ 411 ميڊيڪل ڪئمپون قائم آهن. اجلاس کي امدادي سامان جي پهچ بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته متاثرين جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران تنبو، دوائون، راشن، جنريٽرز ۽ ٻيون شيون موڪليون پيون وڃن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، عبدالعليم خان، عطاءُ الله تارڙ، انجنيئر امير مقام، احسن اقبال، سردار محمد يوسف، ميان محمد معين وٽو، خاص معاون مبارڪ زيب، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، وزيراعظم جي چيف ڪوآرڊينيٽر مشرف زيدي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.