لنڊن - 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ مسلم ليگ (ن) يو ڪي جي سينيئر عهديدارن جي وفد ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب وفد جي قيادت پي ايم ايل اين يو ڪي جو صدر احسن ڊار ڪري رهيو هو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي جذبي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مسلم ليگ (ن) يو ڪي جي سينيئر عهديدارن جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
لنڊن – 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ مسلم ليگ (ن) يو ڪي جي سينيئر عهديدارن جي وفد ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب وفد جي قيادت پي ايم ايل اين يو ڪي جو صدر احسن ڊار ڪري رهيو هو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي جذبي کي ساراهي ٿو. هن آپريشن بُنيان مرصوص دوران برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي متحد موقف کي ساراهيو. هن زور ڏئي چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان جو اثاثو آهن. هن وفد کي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. زميني رڪارڊ سروسز بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنجاب جي ملڪيتن جي رڪارڊ تائين محفوظ پهچ ۽ ون ونڊو پاسپورٽ سسٽم پروسيسنگ جو ذڪر ڪيو. هن پنهنجي دوري دوران برطانوي قيادت سان سرڪاري ملاقاتن بابت ٻڌايو جن سان ٻنهي ملڪن جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. پي ايم ايل اين يو ڪي جي وفد نائب وزيراعظم کي ”معرڪه حق“ جي ڪاميابي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي موثر طريقي سان پيش ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.











