اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرسٽوفر لڪسن 16 آگسٽ 2025ع تي آڪلينڊ ۾ منعقد پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي عظيم الشان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان تقريب ۾ نيوزيلينڊ جي ايٿنڪ ڪميونٽيز واري وزير مارڪ مچيل، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم ڪرس هاپڪنز ۽ پارليامينٽ جي ڪيترن ئي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. نيوزيلينڊ جي …
نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرسٽوفر لڪسن جي آڪلينڊ ۾ منعقد پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرسٽوفر لڪسن 16 آگسٽ 2025ع تي آڪلينڊ ۾ منعقد پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي عظيم الشان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان تقريب ۾ نيوزيلينڊ جي ايٿنڪ ڪميونٽيز واري وزير مارڪ مچيل، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم ڪرس هاپڪنز ۽ پارليامينٽ جي ڪيترن ئي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. نيوزيلينڊ جي قيادت جي موجودگي ۾ پاڪستان جي نيوزيلينڊ ۾ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر فيصل عزيز احمد جهنڊو ڦڙڪائڻ جي رسم ادا ڪئي ۽ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ۽ ٻين معزز شخصيتن کي پاڪستان ۾ ٺهيل شال تحفي ۾ پيش ڪيون. تقريب ۾ نيوزيلينڊ ۾ رهندڙ اٽڪل 1000 پاڪستانين کي خطاب ڪندي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم لڪسن پاڪستاني قوم کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ پراڻي، گرمجوش ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي نيوزيلينڊ جي ترقي ۾ نيوزيلينڊ ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي ڪردار کي ساراهيو. مخالف ڌر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم ڪرس هاپڪنز پنهنجي خطاب ۾ نيوزيلينڊ جي معاشري ۾ نيوزيلينڊ ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي ڪردار ۽ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي ڪوششن کي ساراهيو. نيوزيلينڊ ۾ پاڪستاني برادري جي سڀ کان وڏي تنظيم پاڪستان ايسوسيئيشن آف نيوزيلينڊ (پي اي اين زيڊ) جي صدر ڊاڪٽر آصف خان پنهنجي خطاب ۾ تنظيم جي اهم سرگرمين ۽ ان جي مستقبل جي منصوبن کي بيان ڪيو. هن ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي گڏيل مفاد جي لاءِ ٻنهي حڪومتن سان اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ طرف ڪم ڪرڻ جي اپيل ڪئي. جهنڊو ڦڙڪائڻ کانسواءِ تقريب ۾ شعر ۽ شاعري، ثقافتي ڪارڪردگي، وڊيو اسڪريننگز ۽ قومي ۽ حب الوطني جا گانا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي تنظيم جي نئين انٽر ايڪٽو ويب سائيٽ جي شروعات پڻ ڪئي وئي. پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جي شرڪت کي پاڪستان جي لاءِ خوش آئنده ۽ خيرسگالي جي طور تي ساراهيو. اها تقريب پاڪستان ايسوسيئيشن آف نيوزيلينڊ (پي اي اين زيڊ) پاڪستان هاءِ ڪميشن، نيوزيلينڊ جي ايٿنڪ ڪميونٽي واري وزارت ۽ آڪلينڊ ۾ رهندڙ ڪيترن ئي پاڪستاني ڪاروبارن جي تعاون سان منعقد ڪئي. اهو پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي جشن جي موقعي تي نيوزيلينڊ جي مختلف شهرن ۾ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي تقريبن جو تسلسل آهي.











