اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ دولت مشترڪه (ڪامن ويلٿ) جي سيڪريٽري جنرل شيرلي ايورڪو بوچوي سان ناشتي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار شيرلي ايورڪو بوچوي کي دولت مشترڪه جون ستون سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس قيادت کي خوش آئنده قرار …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ دولت مشترڪه (ڪامن ويلٿ) جي سيڪريٽري جنرل شيرلي ايورڪو بوچوي سان ناشتي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار شيرلي ايورڪو بوچوي کي دولت مشترڪه جون ستون سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس قيادت کي خوش آئنده قرار ڏنو. سموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه سربراهي اجلاس دوران ٿيندڙ گذريل ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير باني ميمبر هجڻ جي ناطي پاڪستان جي گهري عزم جو اظهار ڪيو ۽ تنظيم کي پنهنجي مستحڪم حمايت جي خاطري ڪرائي. هن دولت مشترڪه جي ڪردار تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته هي ادارو ميمبر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قدرن کي فروغ ڏيڻ ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. نائب وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي يقين ڏياريو ته پاڪستان دولت مشترڪه جي پائيدار ترقي ۽ رابطي (ڪنيڪٽيويٽي) جي ايجنڊا جي حوالي سان پرعزم آهي. هن زور ڏئي چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه جي اندر واپار ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو. هن موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پاڪستان جي غيرمحفوظ هجڻ طرف ڌيان ڇڪرايو ۽ ان اهم چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ دولت مشترڪه جي حمايت جي درخواست ڪئي. پرڏيهي وزير نوجوانن ۽ صنفي برابري جي ميدان ۾ پاڪستان جي قيادت تي روشني وجهندي ٻڌايو ته پاڪستان ڪامن ويلٿ ٽاسڪ فورس جو شريڪ صدر آهي ۽ هن ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي جديد بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس جي سيڪريٽريٽ جي ميزباني تي فخر جو اظهار ڪيو. هن پاڪستاني نوجوانن جي لاءِ دولت مشترڪه جي حمايت کي ساراهيو ۽ تازي اي – اسپورٽس جي معاهدي کي ساراهيو جنهن تحت پاڪستان ۾ اي – اسپورٽس جي شعبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام، ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ ۽ برٽش اي اسپورٽس فيڊريشن جي وچ ۾ تعاون جو معاهدو طئي ٿيو آهي. نائب وزيراعظم سيڪريٽري جنرل جي 30 – 2025ع جي لاءِ ڪامن ويلٿ اسٽريٽجڪ پلان تيار ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ترقي، جمهوريت ۽ مضبوطي جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل تعاون جي آڇ ڪئي. هن سيڪريٽري جنرل کي اسلام آباد جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.











