اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اسلامي رياست جو بنياد فتوحات تي نه پر سماجي انصاف تي آهي، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسلام تلوار يا جنگ سان نه پر واپارين جي ڪردار سان پکڙيو. اسلام آباد ۾ رحمة للعالمين اٿارٽي جي انتظام هيٺ اسلام ۽ اقليتن جي موضوع تي هڪ اهم …
اسلامي رياست جو بنياد انصاف تي آهي: وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اسلامي رياست جو بنياد فتوحات تي نه پر سماجي انصاف تي آهي، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسلام تلوار يا جنگ سان نه پر واپارين جي ڪردار سان پکڙيو. اسلام آباد ۾ رحمة للعالمين اٿارٽي جي انتظام هيٺ اسلام ۽ اقليتن جي موضوع تي هڪ اهم سيمينار منعقد ٿيو جنهن ۾ مختلف مذهبن جي شخصيتن، وفاقي وزيرن ۽ ماهرن شرڪت ڪئي. سيمينار ۾ بين المذاهب هم آهنگي، رواداري ۽ مذهبي آزادي جي اهميت تي زور ڀريو. ان موقعي تي خورشيد نديم ۽ ڊاڪٽر رياض محمود جي ڪتاب اسلام ۽ اقليتن جي مهورت به ڪئي وئي. مقرر جو چوڻ هو ته هي ڪتاب امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جو پيغام اجاگر ڪري ٿو. وفاقي وزير خطاب ڪندي چيو ته اسلامي رياست جي بنياد فتوحات تي نه پر سماجي انصاف تي آهي. هن چيو ته انڊونيشا ۽ ملائيشيا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسلام تلوار يا جنگ سان نه پر واپارين جي ڪردار سبب پکڙيو. نائن اليون کان پوءِ آمريڪا ۾ بڻايل هڪ دستاويزي فلم ۾ پڻ اسلامي رياست جو اصل ماڊل سماجي انصاف کي قرار ڏنو ويو. احسن اقبال موجب رياستِ مدينه ۾ سماجي انصاف اها قوت هئي جنهن ماڻهن کي پنهنجي طرف ڇِڪيو. هن چيو ته رياست ۽ شهريت جو معاهدو معاشري جو بنياد آهي ۽ اسلام ۾ رياست جو تصور انصاف کان جدا نٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن ڪنهن رياست ۾ بنيادي انساني حق نه هجن ته اها رياست خطري ۾ اچي وڃي ٿي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ٿئي ته اسان آواز بلند ڪريون ٿا، پر جيڪڏهن پنهنجي ملڪ ۾ زيادتي ٿئي ته اسان خاموشي ڇو اختيار ڪندا آهيون؟ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي غير محفوظ سمجهڻ ٻه قومي نظريي جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته پاڪستان بنائڻ وارن جو تصور قائداعظم ۽ علامه اقبال جي رياست هو ۽ اسان کي ميثاقِ مدينه جهڙي ماڊل طرف اڳتي وڌڻو پوندو. چيئرمين رحمة للعالمين اٿارٽي خورشيد احمد نديم چيو ته قائداعظم جي 11 آگسٽ جي تقرير ميثاقِ مدينه جو عڪس هئي جنهن ۾ پاڪستان کي رياست مدينه وانگر اقليتن لاءِ پناهگاه قرار ڏنو ويو. سندس چوڻ هو ته اقليتن کي اهو يقين هئڻ گهرجي ته پاڪستان جيترو اسلامي رياست بڻجندو اهو اوترو ئي محفوظ هوندو. هن چيو ته رحمة للعالمين اٿارٽيءَ جو منشور ئي اهو آهي ته رحمت سڀن لاءِ آهي. خورشيد نديم چيو ته بدقسمتيءَ سان انتهاپسندي ان حد تائين وڌي چڪي آهي ته احسن اقبال جهڙي اڳواڻ تي گولي هلائي وئي جنهن جي امڙ ناموسِ رسالت جي رٿ ۾ اڳيان اڳيان هئي. هن زور ڀريو ته انتهاپسندي کي صرف بيانيي سان ئي روڪي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير وجهيه قمر چيو ته تعليم ئي معاشرتي هم آهنگي ۽ برابريءَ جي ضمانت آهي ۽ عورتن ۽ اقليتن جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. مذهبي ۽ اقليتن بابت مملڪتي وزير کيئلداس ڪوهستاني چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن جا حق آئين موجب محفوظ آهن ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ سڀ مذهب برابر جا شريڪ آهن. مقررن چيو ته پاڪستان ۾ برداشت، ڀائيچاري ۽ امن کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.











