اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي ٻوڏ متاثر علائقن شانگله ۽ بونير ۾ پاڪستان آرمي جي انجينئرز ڪور جون امدادي ڪارروائيون جاري آھن جڏهن ته پيربابا باءِ پاس کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آھي ۽ عوام جي سھولت لاءِ ملبو ھٽائڻ جو ڪم جاري آھي. اھڙي طرح پاڪ فوج طرفان گان گوڪند ويندڙ روڊ تي ٽن ھنڌن تي موجود مٽيءَ جي ڇپن کي هٽائي روڊ کي …
ٻوڏ متاثر علائقن شانگله ۽ بونير ۾ پاڪستان جي آرمي جي انجينئرز ڪور جو امدادي ڪارروائيون جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي ٻوڏ متاثر علائقن شانگله ۽ بونير ۾ پاڪستان آرمي جي انجينئرز ڪور جون امدادي ڪارروائيون جاري آھن جڏهن ته پيربابا باءِ پاس کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آھي ۽ عوام جي سھولت لاءِ ملبو ھٽائڻ جو ڪم جاري آھي. اھڙي طرح پاڪ فوج طرفان گان گوڪند ويندڙ روڊ تي ٽن ھنڌن تي موجود مٽيءَ جي ڇپن کي هٽائي روڊ کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آھي. ٻئي پاسي اربن ريسڪيو ٽيمون مشينري سان بيسوني ۽ فادرنگر ۾ سرچ آپريشن جي ڪارواين ۾ مصروف آهن . هن وقت تائين بيسواني ويجھو نالي مان 5 ماڻھن جا لاش ھٿ ڪيا ويا آھن. پاڪ فوج جو ريسڪيو آپريشن متاثر علائقن جي مڪمل بحالي تائين جاري رھندو.











