وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي پاران خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جي لاءِ امدادي سامان پهچائڻ جو ڪم جاري

اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت موجب قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي قومي اداري (اين ڊي ايم اي) پاران خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جي لاءِ امدادي سامان پهچائڻ جو ڪم جاري آهي. اين ڊي ايم اي ميڊيا ونگ موجب سوات ۽ شانگلا جي لاءِ امدادي سامان جون ٻه جدا جدا کيپ روانيون ڪيون ويون آهن. امدادي سامان ۾ تنبو، ڪمبل، …

اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت موجب قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي قومي اداري (اين ڊي ايم اي) پاران خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جي لاءِ امدادي سامان پهچائڻ جو ڪم جاري آهي. اين ڊي ايم اي ميڊيا ونگ موجب سوات ۽ شانگلا جي لاءِ امدادي سامان جون ٻه جدا جدا کيپ روانيون ڪيون ويون آهن. امدادي سامان ۾ تنبو، ڪمبل، ڪي وي 47 جنريٽر، ڊي واٽرنگ پمپس، راشن بيگز ۽ دوائون شامل آهن، امدادي سامان ٻوڏ متاثرين ۾ ورهائڻ جي لاءِ لاڳاپيل ضلعي انتظاميا جي حوالي ڪيو ويندو. اينڊي ايم اي، هٿياربند فوج ۽ فلاحي ادارن پاران خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ امدادي سامان جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون ۽ سمورن لاڳاپيل سول ۽ عسڪري ادارن سان مڪمل رابطي ۾ آهيون. وڌيڪ اهو ته اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن پاران جاري امدادي ڪارروين جي نگراني پڻ ڪري رهيو آهي.