اسلام آباد - 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊرڊ انڊيڪس 1 لک 50 هزار بيسس پوائنٽس جي تاريخي سطح عبور ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪاروباري برادري جا حڪومتي پاليسين تي اعتماد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان معيشت جي بهتري جي ڪري سيڙپڪارن …
وزيراعظم پاران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊرڊ انڊيڪس 1 لک 50 هزار بيسس پوائنٽس جي تاريخي سطح عبور ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊرڊ انڊيڪس 1 لک 50 هزار بيسس پوائنٽس جي تاريخي سطح عبور ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪاروباري برادري جا حڪومتي پاليسين تي اعتماد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان معيشت جي بهتري جي ڪري سيڙپڪارن ۽ واپاري برادري جو اعتماد بحال ٿيو، ملڪ ترقي طرف گامزن آهي پر وڌيڪ محنت گهربل آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي ٽيم ڏينهن رات محنت سان معيشت کي مشڪلاتن مان ڪڍيو، سيڙپڪارن ۽ واپاري برادري مشڪل وقت ۾ به پاڪستان ۾ معاشي سرگرميون جاري رکيون، جيڪو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار جي ترقي ۽ سيڙپڪار ۾ اضافي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.











