اسحاق ڊار پاران ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور تي معطل ڪرڻ جي غير قانوني ڪوشش پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام لاءِ ريڊ لائين ۽ وجودي خطرو قرار

لنڊن- 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور تي معطل ڪرڻ جي غير قانوني ڪوشش کي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام لاءِ ريڊ لائين ۽ وجودي خطرو قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب لنڊن ۾ برٽش پاڪستاني لائرز فورم کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم زور ڏنو ته 1960ع جي عالمي بينڪ …

لنڊن- 19 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور تي معطل ڪرڻ جي غير قانوني ڪوشش کي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام لاءِ ريڊ لائين ۽ وجودي خطرو قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب لنڊن ۾ برٽش پاڪستاني لائرز فورم کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم زور ڏنو ته 1960ع جي عالمي بينڪ جي ثالثي وارو معاهدو جيڪو پاڪستان جي تازي پاڻي جي وسيلن جو 80 سيڪڙو ڪنٽرول ڪري ٿو ۽ 24 ڪروڙ ماڻهن جي زندگي آهي تنهن کي هڪ طرفي طور تي معطل يا ملتوي نٿو ڪري سگهجي. هن معاهدي جي اهميت کي پاڪستان جي پاڻي جي حفاظت ۽ ماحولياتي استحڪام لاءِ اڻٽر قرار ڏنو. شرڪت ڪندڙن ڀارت جي ڪاررواين کي پاڻي جي جنگ قرار ڏنو ۽ برطانيه جي سطح تي هڪ قانوني ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو واعدو ڪيو. اها ٽاسڪ فورس معاهدي تحت پاڪستان جي حقن جي حفاظت لاءِ ڪم ڪندي ۽ عالمي قانوني ۽ سفارتي مدد حاصل ڪرڻ تي ڪم ڪندي. هي اجلاس برٽش پاڪستاني لائرز فورم جو ٽيون اجلاس هو، جيڪو پاڪستان هاءِ ڪميشن لنڊن @PakistaninUK ۽ بئريسٽر امجد ملڪ جي تعاون سان شروع ڪيو ويو آهي.