اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي سياسي بيورو جو ميمبر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي 21 آگسٽ 2025ع تي اسلام آباد جو دورو ڪندو جتي هو ڇهين پاڪستان-چين پرڏيهي وزيرن جي اسٽريٽجڪ ڊائلاگ ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران اڱاري تي جاري ڪيل بيان موجب هي دورو پاڪستان ۽ چين …
چين جو پرڏيهي وزير وانگ يي 21 آگسٽ تي پاڪستان جي دوري تي ايندو

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي سياسي بيورو جو ميمبر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي 21 آگسٽ 2025ع تي اسلام آباد جو دورو ڪندو جتي هو ڇهين پاڪستان-چين پرڏيهي وزيرن جي اسٽريٽجڪ ڊائلاگ ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران اڱاري تي جاري ڪيل بيان موجب هي دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو تسلسل آهي، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ "هر موسم جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري” کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جي معاملن تي گڏيل تعاون جي تصديق ڪرڻ، اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌائڻ ۽ خطي ۾ امن، ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏيل عزم کي ورجائڻ آهي.











