لنڊن - 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پرڏيهي پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپن تي يقين رکان ٿو، جيڪو به پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسندو ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي دنيا جي 24هين وڏي …
پرڏيهي پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: اسحاق ڊار
لنڊن – 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پرڏيهي پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپن تي يقين رکان ٿو، جيڪو به پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسندو ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻائي ڇڏيو ۽ هاڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ نه رڳو ان مقام کي حاصل ڪنداسين پر جي 20 ملڪن ۾ شامل ٿيڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستاني مشن ۾ ون ونڊو پاسپورٽ آفيس جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته حڪومت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ون ونڊو پاسپورٽ پراسيسنگ يونٽ جي افتتاح تي نادرا، گهرو وزارت، گهرو وزير ۽ لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ۽ ان جي پوري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ان کان اڳ پاسپورٽ جو اهو عمل ٽن مختلف جاين تي مڪمل ٿيندو هو، هاڻي اهي ٽئين ڪم ون ونڊو تي منتقل ڪيا ويا آهن جنهن سان رڳو 10 منٽن ۾ هاڻي اهو پراسيس مڪمل ٿيندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي اهڙي قسم جي سهولت ٻين پاڪستاني مشنز ۾ پڻ شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ميرپور ايئرپورٽ قائم ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته ان سلسلي ۾ سيالڪوٽ جي طرز تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 1998ع ۾ اسان سيالڪوٽ جي بزنس ڪميونٽي ۽ برآمد ڪندڙن جي مطالبي تي ايئرپورٽ جي فراهمي جو فيصلو ڪيو هو، سيالڪوٽ جي جراحي اوزارن ۽ راندين جي سامان جي برآمدات جي لاءِ ايئرپورٽ قائم ڪرڻ جي وڏي گهر هئي، بطور ناڻي واري وزير اسان سيالڪوٽ جي برآمد ڪندڙن ۽ واپارين سان واعدو ڪيو هو ته توهان کي زمين خريد ڪري ايڪوائر ڪري تحفو ڏيون ٿا ۽ توهان پنهنجي مدد پاڻ تحت ايئرپورٽ ٺاهيو ۽ 27 سال ٿي ويا آهن سيالڪوٽ ايئرپورٽ جديد سهولتن سان ليس ڪم ڪري رهيو آهي ۽ عالمي اڏامون آپريٽ ٿي رهيون آهن، اڳ ۾ ايڪسپورٽرز ايئرپورٽ ٺاهيو ۽ پوءِ ايئر سيال جي شروعات ڪئي ۽ هاڻي ايئر سيال ٻين ملڪن ۾ پڻ آپريٽ ٿي رهي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اهو ئي آئيڊيا اسان ميرپور ايئرپورٽ جي لاءِ ڏنو آهي، ميرپور مان 15 لک شهري برطانيا ۾ رهندڙ آهن، انهن کي ان ايئرپورٽ جي اونرشپ وٺڻ گهرجي، جيستائين زمين جي نشاندهي آهي ان ۾ حڪومت مڪمل تعاون ڪندي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن ان تي اتفاق ڪيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت پاران جنگبندي جون زباني خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن، باقي الحمدالله اسان الرٽ آهيون، پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، اسان پرامن پاڙيسريت تي يقين رکون ٿا، ان جو زندهه مثال آهي ته اپريل ۾، مون افغانستان جو دورو ڪيو ۽ پوءِ جولاءِ ۾ پڻ ملاقاتون ڪيون ۽ 20 آگسٽ تي ٻيهر ڪابل جو دورو ڪندس. نائب وزيراعظم چيو ته ايران سان پاڪستان جا لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن ۽ ايراني پارليامينٽ ۾ تشڪر پاڪستان جا نعرا لڳا ۽ چيو ته اسان ايران جي حقيقي دوست کي هاڻي سڃاتو آهي ۽ اهي سمورا قدم پاڪستان جي حق ۾ آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي ڪجهه سياسي ڌرين جي بيانن تي اسان يقين نه ٿا رکون ۽ ڪير به ميري اک سان اسان جي طرف ڏسندو ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نائب وزيراعظم چيو ته اڃا 26هين آئيني ترميم تي عمل پيرا آهيون، 27هين ترميم جي ضرورت نه آهي. هن چيو ته ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي، مستحڪم آهي، معيشت ۾ بهتري آئي آهي، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ جي جي ڊي پي گروٿ ۽ ڊيولپمينٽ طرف ڀرپور ڌيان ڏيون ۽ اسان کي اميد آهي ته جهڙي طرح نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻائي ڇڏيو هو ۽ هاڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ نه رڳو ان مقام کي حاصل ڪنداسين پر جي 20 ملڪن ۾ شامل ٿيڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون.












