اسلام آباد - 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري اوتاما حاجي محمد بن حاجي حسن ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي ملائيشين حڪومت پاران …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير جي ٽيليفون
اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري اوتاما حاجي محمد بن حاجي حسن ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي ملائيشين حڪومت پاران پاڪستاني عوام سان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن يڪجهتي جي اظهار تي ملائيشيا جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته موسمياتي تبديليون خاص طور تي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجندي پئي وڃي.












