نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪشميري ڄائي برطانوي اڳواڻن سان گڏ لارڊ قربان حسين سان ملاقات

لنڊن - 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪشميري ڄائي برطانوي اڳواڻن سان گڏ لارڊ قربان حسين سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ …

لنڊن – 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪشميري ڄائي برطانوي اڳواڻن سان گڏ لارڊ قربان حسين سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گهري تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو، جڏهن ته پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽرينز جي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو. ميرپور ايئرپورٽ جي معاملي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وفد کي ٻڌايو ته لاڳاپيل عملدار ضروري قانوني ۽ انتظامي مرحلا مڪمل ڪري رهيا آهن. هن سرڪاري – نجي حصيداري ( پي پي پي) جي مالياتي ماڊل جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ برطانيا ۾ رهندڙ ڪشميري ڪميونٽي کي ان منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي غور ڪرڻ جي ترغيب ڏني. وفد ان تجويز کي خوش آئنده قرار ڏنو.