پاڪ فضائيه جي ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ ڀرپور مدد، 48 ٽن امدادي سامان ڪراچي کان پشاور پهچايو

راولپنڊي-18 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين ۾ ڀرپور مدد ڪندي 48 ٽن امدادي سامان ايئر ايگل بي-737 ذريعي ڪراچي کان پشاور پهچائي ڇڏيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب قدرتي آفتن جي وقت قوم جي سڏ تي لبيڪ چوڻ تي پنهنجي روايت برقرار رکندي پاڪ فضائيه ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري …

راولپنڊي-18 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين ۾ ڀرپور مدد ڪندي 48 ٽن امدادي سامان ايئر ايگل بي-737 ذريعي ڪراچي کان پشاور پهچائي ڇڏيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب قدرتي آفتن جي وقت قوم جي سڏ تي لبيڪ چوڻ تي پنهنجي روايت برقرار رکندي پاڪ فضائيه ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي. ان سلسلي ۾ هڪ اين جي او جي انتظام هيٺ ڪل 48 امدادي ٽن ڪراچيءَ کان پشاور پهچايو ويو. هڪ هوائي پُل قائم ڪري پاڪ فضائيه بونير ۽ شانگله جي ٻوڏ سٽيل ضلعن ۾ امدادي سرگرمين ۾ مدد لاءِ فوري طور گهربل سامان جي تيز رفتار چُرپُر کي يقيني بڻايو آهي. ضروري خشڪ راشن تي ٻَڌل کيپ متاثر ڪٽنبن ۾ نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي سان ويجهي رابطي ذريعي ورهايو ويندو. هي انساني همدرديءَ جو مشن پاڪستان ايئر فورس جي نه صرف ملڪ جي فضائي سرحدن جي حفاظت ۾ پر بحران وقت هم وطنن کي وقت سر مدد فراهم ڪرڻ ۾ به قوم سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي مستقل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.