لاهور-18 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي بهاول وڪٽوريه اسپتال جو دؤرو ڪيو. هن لوڌران حادثي ۾ زخمي ٿيل مريضن لاءِ ميان محمد نواز شريف جو خاص پيغام پهچايو ۽ زخمي مريضن جي طبيعت پُڇي. گلدستا ڏنا ۽ انهن جي صحتيابيءَ لاءِ خاص دُعا ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ميان محمد نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي خدمت جو نئون مثال قائم ڪري …
ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي پاران بهاول وڪٽوريه اسپتال جو دؤرو، زخمي مريضن جي طبيعت پُڇي
لاهور-18 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي بهاول وڪٽوريه اسپتال جو دؤرو ڪيو. هن لوڌران حادثي ۾ زخمي ٿيل مريضن لاءِ ميان محمد نواز شريف جو خاص پيغام پهچايو ۽ زخمي مريضن جي طبيعت پُڇي. گلدستا ڏنا ۽ انهن جي صحتيابيءَ لاءِ خاص دُعا ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ميان محمد نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي خدمت جو نئون مثال قائم ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير ڊاڪٽرن ۽ انتظاميه کي هدايت ڪئي ته زخمي مريضن جي علاج ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي وڃي.












