اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستان ۾ قومي سطح تي مصنوعي ذهانت جي پهرين وڏن مقابلن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي ۾ فعال ۽ بااختيار بنائڻ آهي.”اُڏام اي آءِ ٽيڪاٿون 1.0“ جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان جي …
وفاقي وزير احسن اقبال ”اُڏام اي آءِ ٽيڪاٿون 1.0“ جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستان ۾ قومي سطح تي مصنوعي ذهانت جي پهرين وڏن مقابلن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي ۾ فعال ۽ بااختيار بنائڻ آهي.”اُڏام اي آءِ ٽيڪاٿون 1.0“ جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان جي ڊجيٽل تاريخ جو سنگ ميل آهي. هي صرف هڪ مقابلو ناهي پر هڪ تحريڪ آهي جيڪا نوجوانن کي مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائيندو. هن چيو ته مصنوعي ذهانت مستقبل نه پر حال آهي جيڪو صحت، تعليم، زراعت، صنعت ۽ گورننس جهڙن اهم شعبن کي بدلائي رهيو آهي. اڄ جا فيصلا معيشتن ۾ نه پر الگور ٿمز ۾ ٿيندا آهن. هن چيو ته پاڪستان وٽ ٻه رستا آهن يا ان انقلاب جو حصو بڻجي يا ٻين تي ڀاڙي. اسان جي پاليسي هيءَ آهي ته پاڪستان اي آءِ انقلاب جو تماشائي نه پر اُڀرندڙ ليڊر هوندو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح صحت، تعليم، زراعت ۽ موسمياتي تبديلين جهڙن شعبن ۾ جديد اي آءِ حل متعارف ڪرائڻ آهي، جڏهن ته مقامي اسٽارٽ اپس، يونيورسٽيز ۽ ٽيڪنالاجي پارڪس کي ڀرپور سپورٽ فراهم ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اُڏام پاڪستان جو ويزن 2035ع تائين ملڪ کي هڪ ٽريلين ڊالر معيشت طرف وٺي وڃڻ آهي. هي ويزن پنجن ٿنڀن تي ٻَڌل آهي ۽ ٽيڪاٿون ان جي اي- پاڪستان ۽ نوجوانن کي بااختيار بنائڻ جو پهرئين کان جُڙيل آهي. هن چيو ته اي آءِ کي نصاب ۾ شامل ڪيو پيو وڃي ۽ ٽيڪاٿون ذريعي قومي صلاحيت کي متحرڪ ڪيو پيو وڃي. نوجوانن ۾ اهوئي جذبو موجود آهي جيڪو دنيا جي وڏي ٽيڪنالاجيز کي طاقت ڏئي ٿو. هن چيو ته اي آءِ زراعت ۾ فيصلن جي بيمارين جي اڳڪٿي، صحت ۾ ڊاڪٽرن جي معاونت ۽ تعليم هر ٻار تائين پهچائڻ ۾ انقلاب برپا ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته حڪومت قومي اي آءِ پاليسي، ٽاسڪ فورس، فنڊز ۽ سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪري رهي آهي ته جيئن پاڪستان کي مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ عالمي سطح تي نمايان مقام ڏياري سگهجي. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو اڳتي وڌن، تجربا ڪن ۽ ثابت ڪن ته هو دنيا ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهن.












