ايف آءِ اي ”اي پي پي“ ڪرپشن ڪيس ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي آهي، ايم ڊي اي پي پي بدعنواني کي فعال طريقي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ فيصلائتو قدم کنيو، ذاتي طور تي ايف آءِ اي سان رابطي ۾ آهيان: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ايف آءِ اي ”اي پي پي“ ڪرپشن ڪيس ۾ ٻه ڏينهن اڳ ايف آءِ آر داخل ڪئي، تفصيلي انڪوائري کانپوءِ ڏوهه جي سنگيني ۽ قانوني حيثيت جي تصديق ڪئي وئي، بدعنواني ۾ ملوث عنصرن بحالي جي لاءِ سفارشون ۽ سياسي دٻاءُ وجهرائڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته دٻاءُ جي باوجود …

اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ايف آءِ اي ”اي پي پي“ ڪرپشن ڪيس ۾ ٻه ڏينهن اڳ ايف آءِ آر داخل ڪئي، تفصيلي انڪوائري کانپوءِ ڏوهه جي سنگيني ۽ قانوني حيثيت جي تصديق ڪئي وئي، بدعنواني ۾ ملوث عنصرن بحالي جي لاءِ سفارشون ۽ سياسي دٻاءُ وجهرائڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته دٻاءُ جي باوجود ايم ڊي اي پي پي بدعنواني کي فعال طريقي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ فيصلائتو قدم کنيو، ذاتي طور تي ايف آءِ اي سان رابطي ۾ آهيان، ڪنهن فرق کانسواءِ سخت ڪارروائي يقيني بڻائي ويندي، سبسڊي جي واپسي کانپوءِ پي ٽي وي کي مالي چئلينجز درپيش آيا، وزارت مقامي سطح تي پيداواري صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ جا طريقا ڳولي رهي آهي، پاڪستان وڏي ڪرڪيٽ سيريز جي تياري ۽ نشريات جي لاءِ غيرملڪي ڪمپنين تي دارومدار ڪري ٿو، غيرملڪي ڪئميرائن، پروڊيوسرن ۽ ڪمنٽيٽرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ ۾ ڪافي خرچ کڻڻا پون ٿا، پي ٽي وي اسپورٽس جي ريٽنگ نجي اسپورٽس چينلز کان ٻيڻ تي وڌيڪ آهي، پي ٽي وي تي مخالف ڌر پارٽين کي مڪمل ڪوريج ڏني وڃي ٿي، سياسي نمائندن ۽ تجزيه نگارن کي پروگرامن ۾ گهرايو وڃي ٿو، انهن پروگرامن ۾ ترميم يا سينسر نه ٿي ڪئي وڃي. اها ڳالهه هن پيمرا هيڊڪوارٽرز ۾ قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي ميمبر پُلين بلوچ ڪئي جنهن ۾ پي ٽي وي جي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ته جيڪڏهن معاملو فوري طور تي حل نه ڪيو ويو ته اهو وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿو. اجلاس ۾ مختلف ايجنڊا آئٽمز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي جن ۾ پيمرا ڪائونسل آف ڪمپلينٽس جي جوڙجڪ تي بريفنگ، ”پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2025ع“، (پرائيويٽ ميمبرز بل) تي ذيلي ڪميٽي جي سفارشن تي پيمرا پاران بريفنگ، ويب  ٽي وي ۽ اوور دي ٽاپ (او ٽي ٽي) پليٽ فارمز جو ضابطو، پيمرا لائيسنس ڏيندڙن جي ڪارپوريٽ سماجي ذميواري ۽ واپاري ۽ غير واپاري ايف ايم ريڊيو لائيسنسن جي ريگيوليشن شامل آهي. قومي اسيمبلي ميمبر سحر ڪامران ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۾ ڪرپشن جي وڏي اسڪينڊل بابت سوال اٿاريا جنهن تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪميٽي کي ٻڌايو ته وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) ٻه ڏينهن اڳ ان ڪيس تي فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آءِ آر) داخل ڪئي آهي جنهن ۾ تفصيلي انڪوائري کانپوءِ ڏوهه جي سنگيني ۽ قانوني حيثيت جي تصديق ٿي. هن چيو ته بدعنواني ۾ ملوث عنصرن پنهنجي بحالي جي لاءِ سفارشون ۽ سياسي دٻاءُ وجهرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ايف آءِ اي جو عمل پوليس جي معمول جي شڪايتن کان مختلف آهي جنهن ۾ سڃاڻپ جوڳي ڏوهن جي تعين جي لاءِ مڪمل جاچ جي ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته هو ذاتي طور تي ايف آءِ اي سان رابطي ۾ آهي ته جيئن ڪنهن فرق کانسواءِ سخت ڪارروائي ڪري سگهجي. مبينا طور تي ڪيترين ئي بااثر شخصيتن سياسي رابطن جي ذريعي ان عمل ۾ جوڙ توڙ جي ڪوشش ڪئي پر انهن ڪوششن کي ناڪام بڻايو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير مئنيجنگ ڊائريڪٽر ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) محمد عاصم کچي جي دياتنداري ۽ لگن کي ساراهيو ۽ چيو ته دٻاءُ جي باوجود هن بدعنواني جي خلاف فعال طور تي فيصلائتو قدم کنيو. احتساب ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وزارت ۽ ايف آءِ اي جي وچ ۾ مسلسل هم آهنگي سان جاچ جاري آهي. عطاءُ الله تارڙ ٽيليويزن چينلز جي ”ڪارپوريٽ سماجي ذميواري“ طرف ڌيان ڇڪرايو ۽ چيو ته اهو مشاهدو ڪيو ويو آهي ته اڪثر عوامي خدمت جا پيغام اڌ رات کانپوءِ ريگيوليٽري گهرجن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نشر ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته ڏسڻ جي وقت ادا ٿيل اشتهارن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وڌ کان وڌ عوامي اثر جي لاءِ اهڙي طرح جا پيغام ڏينهن جي وقت نشر ڪيا وڃن. وفاقي وزير سبسڊي جي واپسي کانپوءِ پي ٽي وي کي درپيش مالي چئلينجز بابت چيو ته وزارت مقامي پيداواري صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ جا طريقا ڳولي رهي آهي. پاڪستان وڏي ڪرڪيٽ سيريز جي تياري ۽ نشريات جي لاءِ غيرملڪي ڪمپنين تي دارومدار ڪري ٿو، غيرملڪي ڪئميرائن، پروڊيوسرن ۽ ڪمنٽيٽرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ ۾ ڪافي خرچ کڻڻو پوي ٿو. هن چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس جي ريٽنگ نجي اسپورٽس چينلز کان ٻيڻ تي وڌيڪ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي مخالف ڌر پارٽين کي مڪمل ڪوريج ڏئي رهي آهي جنهن ۾ سمورن سياسي نمائندن ۽ تجزيه نگارن کي پروگرامن ۾ گهرايو وڃي ٿو، انهن پروگرامن ۾ ڦيرڦار يا سينسر نه ٿي ڪئي وڃي. وفاقي وزير صوبائي حڪومتن ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ پاران اشتهارن ۾ اضافي جي ڪوششن جو حوالو ڏيندي روينيو جنريشن ۾ تازي اڳڀرائي جو ذڪر ڪيو. انهن ادارن کي خط لکيا ويا آهن جنهن ۾ انهن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي سرڪاري ٽيليويزن تي وڌيڪ اشتهار مختص ڪري پنهنجي قومي ذميواري پوري ڪن جڏهن ته هن چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ سڀ کان وڏي چئلينجز مان هڪ ڪمزور مارڪيٽنگ ۽ سيلز آهي جنهن جي ڪري براڊ ڪاسٽر، ناظرين ۽ آمدني تي منفي اثر پيو. عطاءُ الله تارڙ وڌيڪ چيو ته جدت ۽ افرادي قوت جي معقوليت براڊ ڪاسٽر جي مستقبل جي لاءِ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي وي هوم کي آئوٽ سروس ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي جڏهن ته پي ٽي وي ورلڊ جديد نشرياتي معيارن تي پورو لهڻ جي لاءِ مڪمل طور تي نئين سر ڪم ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير ڪميٽي کي اپيل ڪئي ته اها پي ٽي وي جي نئين سر جوڙجڪ تي غور ڪري. ملازمن جي ڀلائي بابت وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي ۾ ميرٽ جي بنياد تي سڌارا آندا پيا وڃن ۽ پگهارن ۽ پينشن جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي وي جي بحالي هر ڪنهن جي مفاد ۾ آهي ڇو ته اهو رڳو هڪ ادارو نه آهي پر اسان جي قومي سڃاڻپ جو حصو آهي. هن يقين ڏياريو ته وزارت ان کي هڪ منافعو ڏيندڙ ۽ پائيدار براڊ ڪاسٽر بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. وفاقي وزير ضلعي سانگهڙ ۾ صحافي خاور حسين جي مارجڻ جي تازي واقعي جي حوالي سان آءِ جي سنڌ پوليس کي فون ڪري ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ڪميٽي جي ميمبر ايم اين اي سحر ڪامران ٻڌايو ته پي ٽي وي ملازمن کي ڊگهي عرصي کان پگهارن جي ادائيگي ۾ دير درپيش آهي. قومي اسيمبلي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي ڪيترن ئي پينشنرز کي ادائيگين ۾ دير جي نشاندهي ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي ٽي وي جي 35 رپين جي لائيسنس فيس ختم ٿيڻ سان مالياتي چئلينج درپيش آيو جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي فنانس ڊويزن ساليانو 11 ارب رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي جنهن کي ٽه ماهي بنيادن تي جاري ڪيو ويندو. هن يقين ڏياريو ته پي ٽي وي جي مالياتي نظام جو جائزو ورتو پيو وڃي. ڪميٽي جي چيئرمين پُلين بلوچ هدايت ڪئي ته ايندڙ اجلاس ۾ ملازمن جي پگهارن جي حوالي سان جامع بريفنگ ڏني وڃي. ڪميٽي پيمرا ترميمي بل 2024ع تي ذيلي ڪميٽي جي سفارشن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پيمرا چيئرمين سليم بيگ چيو ته اٿارٽي پروڊيوسرز ۽ ڌرين سان مشاورت کانپوءِ تجويزن سان اتفاق ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حد کان وڌيڪ سينسرشپ اوسر کي محدود ڪري ڇڏيندي. ايم اين اي آسيه ناز تنولي چيو ته ان جو مقصد ممل پابنديون هڻڻ نه آهي پر ميڊيا ۾ سماجي حقيقتن جي عڪاسي کي يقيني بڻائڻ آهي. هن پيمرا جي ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۾ ايڊورٽائيزنگ سيڪٽر جي نمائندي کي شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني. مهتاب اڪبر راشدي اهم سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڊرامن جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪميٽي ويب ٽي وي ۽ او ٽي ٽي پليٽ فارم کي ريگيوليٽ ڪرڻ جو معاملو پڻ اٿاريو. پيمرا عملدارن وضاحت ڪئي ته رولز کي حتمي شڪل ڏيڻ باقي آهي ۽ ان وقت تائين اهڙن پليٽ فارمز کي ريگيوليٽ نه ٿو ڪري سگهجي. پيمرا چيئرمين چيو ته قانونن جو مسودو قانونسازي ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي ايل سي) وٽ آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته قاعدن کي سي سي ايل سي بهتري جي لاءِ واپس موڪلي ڇڏيو هو ۽ ان کانپوءِ ٻيهر جمع ڪيو ويو آهي. هن وضاحت ڪئي ته جيئن ته اطلاعات واري وزارت ان جي منظوري ڏيڻ جي مجاز اٿارٽي نه آهي، ان لاءِ نظرثاني ٿيل مسودو وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ کان اڳ ڪليئرنس جي لاءِ سي سي ايل سي وٽ واپس ويندو. هن وڌيڪ چيو ته صحيح ٽائيم فريم ان ڳالهه تي منحصر آهي ته سي سي ايل سي پنهنجي خدشن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت وٺي ٿي. وزارت اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سرگرمي سان پيروي ڪري رهي آهي جڏهن ته حتمي منظوري جو اختيار ڪابينا وٽ آهي. پيمرا عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته 171 ڪمرشل ۽ 68 نان ڪمرشل ايف ايم ريڊيو لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن، سموريون ڪمرشل اسٽيشنز هن وقت ڪم ڪري رهيون آهن. چيئرمين پُلين بلوچ ۽ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن تازو ئي سول اعزازن سان نوازڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري کي مبارڪباد ڏني. ڪميٽي انفارميشن ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ انهن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو. اجلاس خيبرپختونخواهه ۾ تازي ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني سان پڄاڻي تي پهتو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ايم اين ايز نديم عباس، ڪرن عمران ڊار، آسيه ناز تنولي، مهتاب اڪبر راشدي، سحر ڪامران، سيد امين الحق، محمد معظم علي خان، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري عنبرين جان، اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر محمد دانيال چوڌري، پيمرا چيئرمين محمد سليم بيگ ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.