نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي لنڊن ۾ برطانيا جي وچ اوڀر، افغانستان ۽ پاڪستان بابت پارلياماني انڊر سيڪريٽري سان ملاقات

اسلام آباد - 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ برطانيا جي وچ اوڀر، افغانستان ۽ پاڪستان بابت پارلياماني انڊر سيڪريٽري هميش فالڪنر سان فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس (ايف سي ڊي او) لنڊن ۾ ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل دائره ڪار جو جائزو ورتو ۽ ماحوليات، سياسي، اقتصادي ۽ …

اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ برطانيا جي وچ اوڀر، افغانستان ۽ پاڪستان بابت پارلياماني انڊر سيڪريٽري هميش فالڪنر سان فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس (ايف سي ڊي او) لنڊن ۾ ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل دائره ڪار جو جائزو ورتو ۽ ماحوليات، سياسي، اقتصادي ۽ گڏيل عوامي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اقتصادي سڌارن جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام سميت علائقائي صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن جي مثبت انداز کي ساراهيو ۽ گڏيل دلچسپي شعبن ۾ جاري تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جي لاءِ نيون راهون ڳولڻ جي لاءِ باقاعده اعليٰ سطحي مصروفيتن کي برقرار رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.