اسلام آباد - 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي پارليامينٽ جي پاڪستاني ڄائي ميمبرن محمد ياسين، طاهر علي، عمران حسين، ايوب خان ۽ عدنان حسين سان مثبت ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گهري تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپن تي زور ڏنو جيڪي برطانيا ۾ موجود …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي برطانيا جي پارليامينٽ جي پاڪستاني ڄائي ميمبرن سان مُلاقات
اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي پارليامينٽ جي پاڪستاني ڄائي ميمبرن محمد ياسين، طاهر علي، عمران حسين، ايوب خان ۽ عدنان حسين سان مثبت ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گهري تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپن تي زور ڏنو جيڪي برطانيا ۾ موجود پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪري وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ م لاڳاپن ۾ رابطي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو جيڪو گڏيل تفهيم، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏي ٿو. سينيٽر اسحاق ڊار برطانيا سان ٻطرفي پارلياماني لاڳاپن کي وڌائڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اهڙيون ملاقاتون جمهوري تجربن، عالمي بهترين طريقن ۽ بنيادي جمهوري قدرن جي مٽاسٽا جو موقعو فراهم ڪن ٿيون جيڪي ٻنهي ملڪن ۾ جمهوري ادارن جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ اهم آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير برطانوي پارليامينٽ ميمبرن جي ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ظلمن بابت آگاهي وڌائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن انهن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو ته اهي برطانيا جي پارليامينٽ ۾ انهن مسئلن کي اٿارين ٿا ۽ عوامي شعور وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.












