اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيئرمين لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ايل جي سي پي 45هون اجلاس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ منعقد ٿيو. ڪميشن سڀني شهرين لاءِ رسائيءَ جوڳي ۽ منصفاڻي انصاف واري نظام کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ عدالتي معيار ۽ پاڪستان ۾ هڪ منصفاڻي عادلاڻي معاشري جي قيام لاءِ پنهنجي …
چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين جي صدارت هيٺ 45هون اجلاس
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيئرمين لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ايل جي سي پي 45هون اجلاس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ منعقد ٿيو. ڪميشن سڀني شهرين لاءِ رسائيءَ جوڳي ۽ منصفاڻي انصاف واري نظام کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ عدالتي معيار ۽ پاڪستان ۾ هڪ منصفاڻي عادلاڻي معاشري جي قيام لاءِ پنهنجي پختي وابستگي کي اجاگر ڪيو. اجلاس ۾ هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽسن، اٽارني جنرل آف پاڪستان ۽ قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري بطور ايڪس آفيشيو ميمبرن شرڪت ڪئي. ان کان علاوه سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيلن مخدوم علي خان، خواجه حارث احمد، ڪامران مرتضيٰ ۽ محمد منير پراچا به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪميشن پنهنجي 44هين اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو. خاص ڪري ان سڌارن تي اڳڀرائي جيڪي لا ريفارمز جي ايڊوائيزري ڪميٽيءَ ڪيون آهن، جن ۾ قانون ۽ انصاف وارو سيڪريٽري ۽ ناليوارا وڪيل شامل آهن. ڪميٽي خانداني قانونن ۽ فوجداري ضابطي 1898ع ۾ سڌارن جي اهميت کي تسليم ڪيو. ڪميشن ڪميٽي جي ڪم کي ساراهيو ويو ۽ توقع ظاهر ڪئي ته لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان هيءَ ڪميٽي خانداني تڪرارن ۽ فوجدار ڪيسن جي حوالي سان انصاف واري نظام جي سروس ڊليوري کي بهتر بنائڻ لاءِ عمل جوڳيون سفارشون تجويز ڪندي. ڪميشن مالي سال 25-2024ع لاءِ ايڪسس ٽو جسٽس ڊولپمينٽ فنڊ جي سالياني حسابن جي منظوري ڏني ۽ اداره جاتي ترقي ۽ ايل جي سي پي جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ ڪميشن هڪ ڪميٽي جوڙي جيڪا ايل جي سي پي ايمپلائز سروس رولز 1992ع جو جائزو وٺي انتظامي ڪارڪردگي ۽ پرفارمنس مئنجمينٽ کي بهتر بنائڻ لاءِ سڌارا تجويز ڪندي.












