حڪومت جو ڪم ڪاروبار نه پر سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي: ناڻي بابت وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، پر ان لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي، جڏهن ته معيشت کي اڳيان وڌائڻ ۽ پائيدار ترقي لاءِ نجي شعبي جو ڪردار سڀ کان وڌيڪ اهم هوندو. انهن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ جاب فيئر جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي خطاب ۽ ميڊيا سان …

اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، پر ان لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي، جڏهن ته معيشت کي اڳيان وڌائڻ ۽ پائيدار ترقي لاءِ نجي شعبي جو ڪردار سڀ کان وڌيڪ اهم هوندو. انهن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ جاب فيئر جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.  وفاقي وزير چيو ته نجي شعبو ئي ملڪ جي حقيقي قيادت ڪندو، اهو ئي طبقو رات ڏينهن محنت ڪري ٿو ۽ معاشي سرگرمين کي اڳيان وڌائي ٿو. جاب فيئر جهڙا قدم نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا ۽ ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ به مددگار  هوندا. هن چيو ته عملي زندگي ۾ ڪو به شارٽ ڪٽ ناهي هوندو، نوجوان محنت کي پنهنجو مقصد بڻائين ۽ پنهنجي صلاحيتن کي بهترين انداز ۾ ڪتب آڻين. لاها چاڙها ايندا رهندا آهن پر ٽيلنٽ ۽ محنت پنهنجي جاءِ تي برقرار رهندا آهن. اسان کي مستقل ۽ پائيدار ترقي طرف وڌڻو آهي، ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ٽيرف سڌارا متعارف ڪرايا آهن، اسٽاڪ ايڪسچينج روزانو نوان رڪارڊ قائم ڪري رهيو آهي ۽ مارڪيٽ ۾ تيزي معاشي بهتري جي علامت آهي. توانائي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان به حڪومت درست رخ ۾ وڃي رهي آهي. هن چيو ته مائيڪرو اڪنامڪ استحڪام سان گنجائش پيدا ٿي رهي آهي. اسٽيٽ بئنڪ مهانگائي تي اثرائتي طريقي سان ضابطو آندو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه سالن ۾ حالتون وڌيڪ بهتر ٿينديون. 3 وڏين عالمي ريٽنگ ايجنسين طرفان پاڪستان تي هڪ ئي وقت اعتماد جو اظهار پڻ معيشت جي استحڪام جي علامت آهي. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ مصنوعي ذهانت عيوض ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن جڏهن ته انسانن لاءِ محنت جو ڪو به متبادل ناهي. هن سياحت کي پاڪستان جو هڪ نهايت اهم شعبو قرار ڏنو ۽ چيو ته ان کي هٿي وٺائڻ لاءِ زندگي جي هر شعبي ۽ مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته سياحت ۾ روزگار ۽ ترقي جا بي شمار نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.